18آگسٽ 2022 تي آيل برساتي ٻوڏ 50 کان وڌيڪ گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو هو، هڪ عورت به وهڪڙي ۾ لڙهي وئي هئي
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)چار سال اڳ 18 آگسٽ 2022ع تي آيل وڏي برساتي ٻوڏ گڏاپ جي مير خان ڳوٺ جي رهواسين لاءِ اڄ به ڪنهن دردناڪ ياد کان گهٽ ناهي گڏاپ جي بنديچا اسٽاپ کان نديءَ جي ڪناري تي اڌ صديءَ کان آباد پنجاهه گهرن تي ٻڌل مير خان ڳوٺ اوچتو سيلابي پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو ٻاڙو ندي پنهنجو رخ ڳوٺ ڏانهن موڙيو ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ گهٽيون، اڱڻ ۽ گهر پاڻيءَ سان ڀرجي ويا.ڳوٺاڻن موجب پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب هر طرف افراتفري پکڙجي وئي. ماڻهن ٻارن ۽ عورتن کي بچائڻ لاءِ ڇتين ۽ وڻن تي ويهاريو، جڏهن ته ڪيترائي مرد ۽ عورتون پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا ڳوٺاڻن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رسا ٻڌي هڪ ٻئي جي مدد سان ڪيترن ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو.ان افسوسناڪ واقعي دوران هڪ نوجوان عورت انيلا زال مبين پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ لڙهي فوت ٿي وئي، جنهن جو صدمو اڄ به ڳوٺاڻن کي وسري نه سگهيو آهي.سيلاب سبب ڳوٺ جو شهر سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو. موبائل فون ئي واحد وسيلو رهيا جن ذريعي ڀرپاسي جي ڳوٺن نوشيروان گوندر ۽ روزي گوندر جي ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي خطرا مول وٺي متاثر ڳوٺ ۾ پهتا ۽ وس آهر مدد ڪئي.ان وقت موجود صحافي واقعي بابت ميڊيا کي آگاه ڪيو پر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته شايد اختيارين تائين سندن دانهن بروقت نه پهتي يا ان باوجود ڪو موثر قدم نه کنيو ويو. سيلاب ڳوٺاڻن کان رڳو گهر نه پر سندن سالن جي محنت به کسي ورتي. سو کان وڌيڪ ٻڪريون، ڪيترائي ڍور، گهرن جو سامان، اناج، بسترا ۽ نياڻين جي ڏاج جو سامان به پاڻي کڻي ويو، جنهن سبب ڪيترائي خاندان سخت مالي بحران جو شڪار ٿي ويا.پاڻي لهڻ بعد ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ماڻهن چندو ڪري متاثرن جي مدد ڪئي. ان دوران ڪجهه سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پڻ پهتا ۽ متاثرن سان سهڪار جا اعلان ڪيا. ان وقت جي ايڊمنسٽر نور حسن جوکيو اعلان ڪيو هو ته روينيو عملدار نقصان جو جائزو وٺي متاثرن لاءِ گهر تعمير ڪرائيندا ۽ مالي مدد پڻ ڏني ويندي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن به سنڌ حڪومت تائين مسئلو پهچائڻ جو يقين ڏياريو.پر چار سال گذرڻ باوجود اهي واعدا عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا ڳوٺاڻن سناسي گوندر، ميانداد گوندر، حاجي صدام گوندر، حاجي رحيم گوندر، سانول گوندر ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ صرف هڪ سرڪاري اسڪول موجود آهي، جڏهن ته بجلي، صاف پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون اڄ به اڻلڀ آهن. هنن چيو ته هو سالن کان هڪ ئي سياسي جماعت کي ووٽ ڏيندا آيا آهن، پر ان باوجود سندن ڳوٺ بنيادي حقن کان محروم آهي.مير خان ڳوٺ جي ڪهاڻي صرف هڪ سيلاب جي تباهي تائين محدود ناهي، پر اها انهن واعدن، اميدن ۽ انتظار جي ڪهاڻي آهي جيڪي چار سال گذرڻ باوجود اڃا تائين پوريون نه ٿيون آهن. ڳوٺاڻا اڄ به اميد رکن ٿا ته سندن مسئلن ڏانهن ڌيان ڏئي کين بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
0 تبصرے