ڊي سي شڪيل ابڙو جو ڊي اي او پرائمري سعدالله ڀيو سان رابطو، واقعي بابت ڳالهيون
شڪارپور (احسان ابڙو) ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري شڪارپور سعدالله ڀيو جي آفيس کي تالا هڻڻ خلاف صورتحال کي سنجيدگي سان وٺندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو فوري طور معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ ڊي اي او پرائمري سعدالله ڀيو سان رابطو ڪري مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن کي پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي موجودگي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري سعدالله ڀيو پڻ شريڪ ٿيا، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما پڻ موجود هئا۔ گڏجاڻي دوران مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي عمران جوڻيجو، عبدالشڪور پهوڙ ۽ انتخاب احمد مهر کي سختي سان تنبيه ڪندي چيو ويو ته سرڪاري آفيسن کي تالا هڻڻ يا اهڙو اعلان ڪرڻ هڪ غير قانوني عمل آهي، جيڪو نه رڳو سرڪاري نظام ۾ رنڊڪ وجهي ٿو پر آفيسرن کي دٻاءُ ۾ آڻي غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش پڻ سمجهيو ويندو آهي، جيڪو سنگين ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور واضح طور تي هدايت ڪئي ته اهڙن غير قانوني قدمن کان فوري طور باز اچن، ٻي صورت ۾ لاڳاپيل کاتن کي لکي قانوني ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي عمران جوڻيجو کي چيو تہ توهان آفيس جي تالا بندي ڪري سنگين ڏوهه ڪيو آهي، ان عمل تي توهان لکت ۾ معافي ڏيندا ۽ ان معافي بابت پنهنجو پريس بيان پڻ جاري ڪندا۔ ان موقعي تي عمران جوڻيجو پنهنجي عمل تي معافي ورتي ۽ چيو ته مون کي انھيءَ عمل ڪرڻ تي پشيماني آھي ۽ يقين ڏياريو ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جو ڪو به قدم نه کنيو ويندو ۽ قانوني ۽ اداري جي حدن اندر رهي مسئلا حل ڪيا ويندا۔
0 تبصرے