English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنهن به معاشري جي حقيقي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهم آهي: ڊي سي ٺٽو
71 views
|
10th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عورتن کي تعليم ، صحت ، روزگار ۽ معاشي موقعن ۾ برابر حق ڏنا وڃن. عورتون معاشري جي بنياد آهن
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي حقيقي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهم آهي ، عورتن کي تعليم ، صحت ، روزگار ۽ معاشي موقعن ۾ برابر حق ڏنا وڃن . عورتون معاشري جي بنياد آهن ۽ انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ کان سواءِ ترقي جو خواب اڌورو آهي . اھڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ مڪلي ۾ منعقد ٿيل هڪ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو انعقاد ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت جي سرپرستي ۾ سول سوسائٽي جي مختلف تنظيمن ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي سهڪار سان ڪيو ويو . تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت وڌيڪ چيو ته معاشري جي هر اداري ۽ هر شعبي ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي ، جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته نه صرف معاشرو پر مرد به ترقي نٿا ڪري سگهن . هن چيو ته جڏهن عورت معاشي طور تي خودمختيار ٿيندي آهي ته هوءَ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندي آهي . هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڀني ڪم ڪندڙ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو ڇو ته جيستائين هو ڳالهائينديون نه تيستائين کين معاشري ۾ مناسب جاءِ نه ملي سگهندي . هن چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانون ته موجود آهن پر انهن تي مڪمل عملدرآمد اڃا باقي آهي . ان حوالي سان غير سرڪاري تنظيمن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي جيڪي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي عورتن کي سندن حقن ۽ مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪري رهيون آهن . ڊپٽي ڪمشنر چيو ته معاشري ۾ اهو تاثر غلط آهي ته عورتون رڳو ڪجهه مخصوص شعبن جهڙوڪ تدريس يا طب تائين محدود ٿي سگهن ٿيون . هن چيو ته اڄ عورتون پوليس ، صحت ، تعليم ، سائنس ۽ جڏهن ته خلائي تحقيق جهڙن شعبن ۾ به نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن . دنيا ۾ اهڙو ڪو به ميدان ناهي جتي مرد ڪم ڪري سگهي ۽ عورت نه ڪري سگهي ،تنهنڪري اهو غلط تصور ختم ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته ٻين سمورن کاتن ۽ اين جي اوز جي سھڪار سان هڪ خصوصي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ عورتن جي صلاحيتن ، خدمتن ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪري کين ساراهيو ويندو. تقريب جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن ۽ تنظيمن ۾ شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ پروگرام ۾ سهڪار ڪندڙ اين جي اوز ۽ ادارن جو شڪريو ادا ڪيو . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عورتن پاران لڳايل هٿ جي هنر ( دستڪاري ) جي مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو ۽ عورتن جي محنت ۽ تخليقي صلاحيتن کي ساراهيندي انهن جي همت افزائي ڪئي . تقريب کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II وليد ڏاوچ ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي ، ڊاڪٽر سعديه چانڊيو ، حميرا علي ، عروج ترڪ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ عورتن جي حقن ، تعليم ۽ بااختياري جي اهميت تي روشني وڌي. تقريب ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر علي شاهه ، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ، ڊسٽرڪٽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مهرين اقبال سومرو ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو ، پرنسپل پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ فرحان ميمڻ سميت مختلف کاتن جي آفيسرن کان علاوه اين آر ايس پي ، ايس آر ايس او، رائٽ ٽو پلي ، آغا خان ايجنسي فار هيبيٽيٽ ، هينڊز ، سافڪو ، آغا خان رورل سپورٽ پروگرام ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي نمائندن سميت پروفيسرز ، ليڊي ڊاڪٽر ، ليڊي وڪيلن ، ليڊي پوليس ، استادن ، شاگردياڻين ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
حساس یا رومانوی مناظر کرتے وقت اداکاروں کے درمیان اعتماد اور حدود کا احترام بہت اہم ہے۔اداکار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلموں میں رومانوی مناظر پر اداکارہ کا کھل کر اظہار خیال
02nd Apr 2026
•
شوبز
انٹرنیٹ دور میں فلمی صنعت کو نئے چیلنجز
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ برسات دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون چيئرمين پاران شهر جو دورو
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ۽ ڊي آر او ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي صدارت هيٺ ضمني چونڊ بابت اجلاس
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر ڪميٽي جو اجلاس، مختلف ترقياتي اسڪيمن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي غور
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
برساتن کانپوءِ ضلع ملير ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو
ڪنهن به معاشري جي حقيقي
0 تبصرے