English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيد ضياءُ الحسن شاهه زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جو پرو وائيس چانسلر مقرر
266 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) زرعي تعليم ۽ تحقيق جي فروغ لاءِ اهم قدم کڻندي اختيارين پاران سيد ضياءُ الحسن شاهه کي زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، سندن مقرري تي تعليمي، سماجي ۽ زرعي حلقن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي صلاحيتن ۽ تجربي سان ڪئمپس جي تعليمي معيار کي وڌيڪَ بهتر بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا، ذريعن موجب سيد ضياءُ الحسن شاهه زرعي شعبي سان گهري لاڳاپي رکن ٿا ۽ کين انتظامي ۽ تدريسي معاملن ۾ به وسيع تجربو حاصل آهي، سندن مقرري سان اميد ڪئي پئي وڃي ته زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ تعليم، تحقيق ۽ شاگردن لاءِ جديد سهولتن کي هٿي ملندي، مقامي ماڻهن، شاگردن ۽ علمي حلقن سندن مقرري کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي علائقي طور سڃاتل عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن جي شاگردن کي هن ڪئمپس مان بهتر تعليمي موقعا فراهم ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد ضياءُ الحسن شاهه زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ
0 تبصرے