عمرڪوٽ: ميگھواڙ برادري جي معزز شخصيت ڌارو مل سولنڪي جي لاڏاڻي تي ٻارس ٿي گذري

ٻسٽان وينجھراج ڪالوني ۾ ٿي ٻارس ۾ سياسي سماجي حلقن سميت توڙي برادري جي معززين جي وڏي انگ ۾ شرڪت

عمرڪوٽ: ميگھواڙ برادري جي معزز شخصيت ڌارو مل سولنڪي جي لاڏاڻي تي ٻارس ٿي گذري

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميگھواڙ برادري جي معزز شخصيت ڌارو مل سولنڪي جي لاڏاڻي تي ٻارس ٿي گذري، سياسي سماجي حلقن سميت توڙي برادري جي معززين جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب ميگھواڙ برادري جي معزز شخصيت ڌارو مل سولنڪي جي ديھانت تي ڳوٺ لڌو پاڙو لڳ ٻسٽان وينجھراج ڪالوني ۾ ٻارس ٿي گذري جڏھن ته سرڳواسي جي ديھانت بعد پوئينرن سان حڪمون مل، اتمچند، ڊاڪٽر گوڪل داس،پوليس ڪانسٽيبل ويرم داس، منگل رام، ڀڳت وينجھراج، تگو مل، ڊاڪٽر منور لال، سيٺ ميارام ۽ سولنڪي پريوار سان پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي فرزند نواب شھمير ٽالپر، سيد علي رضا شاھ، سيد مرتضي شاھ، قاضي راجا، حاجي ضياالرحمان ڀٽي، حاجي قربان ميمڻ، شابر ميمڻ، ڀمرو مل درڙا، صدر مير وينجھراج اينپه، رحمت الله راڄڙ، وڏيرو غلام علي خاصخيلي، حاجي پيارو خاصخيلي حاجي ھاشم ڪپري، سيٺ ڪرشن لال، سيٺ يعقوب ڀٽي، حاجي عباس ڪپري، ڊاڪٽر موھن لال ڪڏيچه، سارنگ رام ٻوچيه، ڪانجي مل درڙا، سروڻ درڙا، وڪرم درڙا، سروپ راٺوڙ، ڪشور ڪمار کوکر، وينجھراج آسڙيا، ھيرالال، نرسينگھ پتاڙيه، سميت برادري جي مختلف شھرن کان آيل معززين ۽عمرڪوٽ پوليس ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن دوستن ٔوڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي ڏک ونڊيو جڏھن ته ٻارس جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن کان آيل ناليواري ڀڳتن سڄي رات ڀڳتي پڻ جاري رکي.