خيرپور صحافي جو اتهاد صفدر چانڊيو جي ٻارڙن وٽ پهچي مالي مدد ڪئي ۽ راشن به ڏنو
ھڱورجا(رپورٽر)خيرپور صحافي اتحاد پاران ڪنب جي مرحوم صحافي صفدر چانڊيو جي معصوم ٻارڙن وٽ مالي مدد ۽ راشن ڏيڻ لاء وفد سندس ڳوٺ بنگل خان چانڊيو پهتو تفصيل موجب خيرپور صحافي اتحاد جو چيئرمين غلام حسين چانگ صدر جمال محمود کهڙو ، صوفي ياسين راڄپر ، خير محمد عامر ، حاڪم علي ڀٽي.شمن راڄپر ، زاهد سامٽيو ، مومن نياز ڄامڙو ، نديم سولنگي جي اڳواڻي ۾ وفد ڪنب جي ڳوٺ بنگل خان چانڊيو ۾ پهچي مرحوم صحافي صفدر علي چانڊيو جي معصوم ٻچڙن کي عيد خرچي ۽ راشن جو سامان ڏنو ويو آن موقعي تي صحافي اتحاد جي اڳواڻن چيو ته حڪومت کي مرحوم صحافي جي ٻچڙن جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي سندن تعليم سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ گهرجي.جڏهن ته علائقي جا چونڊيل عيوضي سياستدانن کي پڻ صحافي صفدر چانڊيو جي خاندان جي واهر ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو گهر جو اڪيلو ڪفالت ڪرڻ وارو هيو جيڪو موذي مرض م وفات ڪري ويو هاڻي پويان سندس بيواه ۽ ھڪ ننڍڙو پٽ ۽ هڪ معصوم نياڻي آهي ھنن سنڌ حڪومت ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو مرحوم صحافي صفدر چانڊيو جي خاندان جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي ۔جڏهن ته صحافي اتحاد جي اڳواڻن انفارميشن کاتي کان پڻ گهر ڪئي ته ڪنب جي مرحوم صحافي صفدر چانڊيو جي وارثن جي مالي مدد ڪئي وڃي.
0 تبصرے