English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ پاڪ نيوي پاران مستحقن ۾ راشن ورهائڻ جو سلسلو جاري
239 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
رمضان المبارڪ جي موقعي تي فلاحي سرگرمي تحت 300 مستحق خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو
سجاول (ڊر) پاڪستان نيوي طرفان رمضان المبارڪ جي موقعي تي فلاحي سرگرمي تحت 300 مستحق ۽ نادار خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو. راشن ۾ اٽو، چانور، دالون، کنڊ ۽ ٻيون ضروري گهريلو ڪتب جون شيون شامل هيون، جيڪي مستحق ماڻهن تائين پهچايون ويون.ان موقعي تي نيوي جي عملدارن چيو ته رمضان المبارڪ برڪتن، همدردي ۽ انسانيت جي خدمت جو مهينو آهي. هن بابرڪت مهيني ۾ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪرڻ نه رڳو سماجي ذميواري آهي پر هڪ اهم ديني ۽ انساني فرض پڻ آهي.هنن وڌيڪ چيو ته موجوده مشڪل معاشي حالتن ۾ گهٽ آمدني وارن خاندانن جي سهائتا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ باهمي سهڪار، همدردي ۽ خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ هن مهم جو بنيادي مقصد آهي.راشن حاصل ڪندڙ مستحق خاندانن پاڪ بحريه جي هن قدم کي ساراهيندي چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اهڙيون فلاحي سرگرميون غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن لاءِ وڏي مدد ثابت ٿين ٿيون ۽ انهن جي گهرن ۾ خوشيون آڻين ٿيون.واضح رهي ته پاڪ بحريه طرفان وقت بوقت مختلف علائقن ۾ فلاحي ۽ امدادي سرگرميون جاري رکيون وڃن ٿيون، جن جو مقصد مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ انسانيت، سهڪار ۽ خدمت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ پاڪ نيوي پاران مستحقن ۾
0 تبصرے