مرڪزي اڳواڻن پاران تعلیمي بورڊ ڪراچي جي ايندڙ امتحانن بابت خيالن جي ڏي وٺ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آل سبجیڪيٽس ٽیچرز ایسوسي ایشن سنڌ جي ساليانہ افطار پارٽي مقامي ہوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي۔ ان موقع تي رمضان المبارڪ جي فضیلت و اھمیت تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ۽ مرڪزي اڳواڻن پاران ثانوي تعلیمي بورڌ ڪراچي جي اچڻ وارن امتحانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، انھن جو چوڻ ھيو تہ بورڊ سڀئي ڊيوٽيون انھن قابل استاد محترمن کي سونپيون وڃن جيڪي انھن جي شان ۽ معيار مطابق ھجن، امتحاني نظام جي شفافیت جي لاء سینیئر ترین رجسٽرڊ استادن تي ٻڌل وجیلنس ٽیمون ۽ ایڪسٽرنل سینٹر سپریڊینڊنٽ جي مقرري سان گڏ سي سي او شپ جي بحالي ۽ انویجلیٽرز جي معاوضي کي وڌائڻ شامل آھي۔ تقریب ۾ سرپرست اعلیٰ ڊاڪٽر سعید احمد صدیقي، صدر آفتاب احمد ، سینیئر نائب صدر مجاھد پرویز ، نائب صدر غلام رسول راڄپر ، جنرل سیڪريٽري لالہ بشیر احمد پٺاڻ ، جوائنٽ سیڪريٽري ناصر رؤف خان ، سیکريٽري بورڊ افیئرز پروفیسر ولید یمني ، فائننس سیڪريٽري ڊاڪٽر بھزاد اختر راھي صاحب، میڊیا ڪوآرڊينيٽر ذیشان عثماني ، ڈپٽي جنرل سیڪريٽری محسن علي قریشي ، رابطہ سیڪريٽري ضیاء الدین سومرو ، نائب صدر فیمیل غزالہ یاسمین، جوائنٽ سیڪريٽری فیمیل وقار النساء ۽ رڪن ڪور ڪمیٽي طاہر حسین غوري ، عدنان حیات صاحب، حافظ امین الله شامل ھئا۔ ھن دعوت افطار جي پڄاڻي دعائي خیر سان ٿي، جنھن ۾ وطن عزیز، وادي سنڌ ۽ امت مسلمہ جي لاء خاص دعائون گهريون ويون
0 تبصرے