English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيرو پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار، بار ايسوسيئيشن پاران عارضي ورڪ سسپينڊ
223 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ريزوليشن پاس
نوشهرو فيروز(ڊ ر)نوشهروفيرو پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار، نوشهروفيروز ضلع بار ايسوسيئيشن پاران عارضي ورڪ سسپينڊ، ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ريزوليشن پاس ڪورٽ ۾ پوليس جي داخلا تي پابندي پوليس خلاف سخت نعريبازي۔ خبر موجب نوشهرو فيروز ۾ ايس ايڇ او ماڊل سٽي اسد نبي کچي ۽ ڊي ايس پي سٽي سردار چانڊيو پاران وڪيل برادري سان گذريل رات ڪيل بدتميزي خلاف وڪيلن سخت احتجاج ڪيو۔ بار ايسوسيئيشن عارضي طور ورڪ سسپينڊ ڪري سيشن ڪورٽ جو مين دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ پوليس جي ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي۔ ان موقعي تي وڪيلن ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ايس ايڇ او اسد نبي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ کين ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي سينيئر نائب صدر عبدالرحيم عباسي، نوشهرو فيروز بار جي ايڊيشنل سيڪريٽري شير محمد اڄڻ، امر امتياز ميمڻ، سليم ڏاهري، ثناء الله عباسي۔ شڪيل عباسي، عبدالڪريم تڳر، مشتاق بڙدي، اختر ڀريجو، معشوق علي سومرو ۽ ٻين وڪيلن چيو ته پوليس چورن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران شريف شهرين ۽ وڪيلن سان بدتميزي ڪري رهي آهي۔ هنن چيو ته گذريل رات الله واري چوڪ تي پوليس چيڪنگ دوران بليڪ مرر هجڻ جو جواز ڄاڻائيندي نوجوان وڪيل عزيز الرحمان ڪلهوڙو ۽ اظهر دين وسڻ جي ڪار جا شيشا ٽوڙيا ويا، جيڪا قانون جي لتاڙ آهي ان ڪري وڪيل برادري ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي پوليس جيڪڏهن وڪيل برادري سان اهڙو هشر ڪري رهي آهي ته شهرين سان ڇا حالت هنوندي۔ وڪيل اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او اسد نبي کچي ۽ ڊي ايس پي سردار چانڊيو کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ وڪيل برادري سان ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي۔ هنن خبردار ڪيو ته جيستائين سندن مطالبا منظور نه ٿيندا، تيستائين پوليس کي ڪورٽ ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو ۽ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيرو پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار
0 تبصرے