ملير: شاهه لطيف ٽائون ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل ٿيڻ جو انڪشاف

ملير: شاهه لطيف ٽائون ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل ٿيڻ جو انڪشاف

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي شاهه لطيف پوليس جي حد ۾ معمولي تڪرار تان ڀاءُ پنهنجي ئي ڀاءُ کي ڇڙين سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب واقعو شاهه لطيف ٽائون جي علائقي صالح محمد ڳوٺ، اسماعيل ڳوٺ ڀرسان پيش آيو، جتي هڪ نوجوان کي تيز جا جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو ويو. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ زاهد ولد جاويد طور ٿي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 25 سال ٻڌائ پئي وڃي. شروعاتي ڄاڻ موجب مقتول کي سندس ئي ڀاءُ معمولي منهن ماري بعد ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو.پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.