صحافي اتحاد خيرپور پاران صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجھد جو اعلان

صحافي اتحاد خيرپور جو اجلاس راڻيپور ۾ ٿيو، چيئرمين غلام حسين چانگ ، صدر جمال محمود کهڙو ۽ ٻيا شريڪ

صحافي اتحاد خيرپور پاران صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجھد جو اعلان

هڱورجا(رپورٽر)صحافي اتحاد خيرپور جو اجلاس. صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪرڻ جو اعلان. تفصيلي خبر موجب صحافي اتحاد خيرپور جو هڪ اجلاس گل ريسٽورنٽ راڻيپور تي ٿي گذريو جنهن ۾ چيئرمين غلام حسين چانگ ، صدر جمال محمود کهڙو سينئر نائب صدر صوفي ياسين راڄپر جنرل سيڪريٽري خير محمد عامر نائب صدر مريد حسين راڄپر ، شبير جعفري ، حاڪم ڀٽي ، تعلقا صدر انور علي ناريجو ، سنيل ڪمار ، نويد حسين تمراڻي ، زاهد گل سولنگي ، زاهد سامٽيو ، نديم سولنگي ، مدد علي سولنگي سميت ٻين شرڪت ڪئي ۔ اجلاس ۾ خيرپور ضلعي جي صحافين جي مسئلن خاص طور تي صحافين سان پوليس توڙي ٻين ادارن پاران ٿيندڙ ناانصافين ۽ انهن کان ڦرلٽ جي ٿيل واقعن جو ازالو نه ٿيڻ تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ايس ايس پي خيرپور سان وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ زور ڀريو ويندو. گڏجاڻي ۾ صحافي اتحاد خيرپور ۽ پريس ڪلبن کي رجسٽرڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سنڌ سرڪار کان پريس ڪلبن جا ۽ بيمار صحافين جي سهائتا وارا فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ وفد جي صورت ۾ صوبائي وزير اطلاعات ۽ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ سان ملاقات ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.