ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اهم گڏجاڻي

ضلعي جي ايس ڊي پي اوز، ايس ايچ اوز، پوليس پوسٽن جي انچارجن ۽ مختلف برانچن جي هيڊ جي شرڪت

ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اهم گڏجاڻي

ٺٽو (ڊر)ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ضلعي جي سڀني ايس ڊي پي اوز، ايس ايچ اوز، پوليس پوسٽن جي انچارجن ۽ مختلف برانچن جي هيڊن سان اهم ميٽنگ منعقد ڪئي. ميٽنگ دوران ايس ايس پي ٺٽو آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته آءِ جي پي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي حڪمن جي روشني ۾ ضلعي اندر سمورن پينڊنگ ڪيسن خاص ڪري قتل، ڊڪيتي، رابري، موٽر سائيڪل چوري ۽ سنيچنگ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏ مسروقہ ڪيس پراپرٽي جي بازيابي ۽ روپوش توڙي اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا وڃن، خاص طور قتل جي ڪيسن ۾ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان علاوه آءِ جي سنڌ جي حڪمن تي ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ مهم تيز ڪئي وڃي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. بليو لائٽس، فينسي نمبر پليٽن، ڪاري شيشن، بغير لائسنس ڊرائيورن ۽ بغير هيلمٽ موٽر سائيڪل يا گاڏيون هلائيندڙن خلاف قانون موجب قدم کنيا وڃن. ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو ته آءِ جي پي سنڌ طرفان موصول ٿيندڙ انفارميشن رپورٽن تي قانوني ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدارن ۽ ايڪٽو ڪرمنلز جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي. سنيچنگ جي واقعن ۾ متاثر ڌر جي شڪايت تي فوري طور ڪيس داخل ڪيو وڃي. سمورن جاچ هيٺ ڪيسن جي جاچ ميرٽ تي مڪمل ڪري انهن جون فائنل رپورٽون وقت سر عدالتن ۾ جمع ڪرايون وڃن. ايس ايس پي ٺٽو چيو ته ڏوهارين خلاف نتيجه خيز ڪارروائين سان گڏ جاچ جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ سمورا ڊي ايس پيز، ايس ايچ اوز ۽ پوليس پوسٽن جا انچارج پنهنجي پيشاورانه مهارت، تربيت ۽ تجربي کي استعمال ڪندي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائين ۽ ملوث جوابدارن کي عدالتن مان مثالي سزائون ڏيارين. هن سختي سان هدايت ڪئي ته منشيات ۽ گٽڪا خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڪنهن به آفيسر يا پوليس اهلڪار کي ان ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت کاتي وار ڪارروائي ڪئي ويندي. ايس ايچ اوز کي هدايت ڪئي وئي ته پيٽرولنگ دوران روڊن تي غفلت يا لاپرواهي سان گاڏي هلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ فوري طور ڪيس داخل ڪيو وڃي. ان کان علاوه ماه رمضان المبارڪ دوران پنهنجن علائقن ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪيا وڃن ۽ پوليس جي ڊيپلائمينٽ، پيٽرولنگ، سنيپ چيڪنگ ۽ پڪٽنگ کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي. ايس ايس پي ٺٽو چيو ته سڀني ٿاڻن تي قابل ۽ ذميوار ڊيوٽي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ کين سندن ذميوارين بابت مڪمل بريفنگ ڏني وڃي. پيٽرولنگ ۽ چيڪنگ دوران موبائل گاڏين تي پڙهيل لکيل پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ۽ سنيپ چيڪنگ دوران مشڪوڪ ماڻهن کي تلاش ڊيوائس ذريعي چيڪ ڪيو وڃي. سڀئي ايس ايچ اوز پنهنجي علائقن ۾ CPEC ۽ Non-CPEC منصوبن تي مقرر سيڪيورٽي کي چيڪ ڪندا ۽ روزاني بنيادن تي پنهنجي ٿاڻي جي حدن ۾ سنيپ چيڪنگ ڪندا. سنيپ چيڪنگ دوران عوام سان خوش اخلاقي سان پيش اچڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي.