English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: صدارتي ايوارڊ يافته ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني جي ورسي سادگي سان ملهائي وئي
122 views
|
04th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صدارتي ايوارڊ يافته سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني جي 13هين ورسيءَ سادگي سان عمرڪوٽ پريس ڪلب هال ۾ رحيمداڻي اڪيڊمي جي طرفان ملهائي وئي، تقريب دوران خطاب ڪندي رسول بخش رحيمداڻي چيو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني جي اعليٰ انساني سوچ جو ثبوت ان وقت مليو جڏهن سندن ڌرم پٽني جو ديهانت ٿيو ۽ ارٿي گهر ۾ پئي هئي، پر هو مريضن جو علاج ڪرڻ ۾ مصروف هئا، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته ائين ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ته انهن جواب ڏنو هو ته هلي وئي، پر مان انهن مريضن جو علاج ڪندس تہ ھو صحتياب ٿيندا، جنهن سان الله راضي ٿيندو، رسول بخش رحيمداڻي وڌيڪَ چيو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني سماجي خدمت جو وڏو پيروڪار ۽ بهترين مخلص انسان هئا، ان موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀر چيو ته سرڳواسي ڊاڪٽر ھرچند راءِ لکاني ٽي بي سينٽر سان گڏ سماجي شعبن ۾ پڻ نمايان خدمتون سر انجام ڏنيون، انهن ثقافت ۽ ڪلچر جي فروغ سان گڏ دوائون ۽ فنڊ فراهم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار محمد امين ڏيپلائي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني هڪ انمول انسان هئا، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ کان ڪڏهن به پاڻ يا پنهنجي خاندان لاءِ ڪو پلاٽ نه ورتو ۽ هو ڪرپشن جا سخت مخالف هئا، پاڻي به پنهنجن پئسن سان گھرائي پيئندا هئا، عید کان پوءِ سندن ورسي رحيمداڻي اڪيڊمي پاران شاندار طريقي سان ملهائي ويندي، ڇو ته هن وقت شهيد سيد آيت الله علي خامنائي جي شهادت ۽ رمضان شريف جي مهيني سبب سادگي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب دوران سماجي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي ممتاز آريسر چيو ته هڪ واقعو ڊاڪٽر صاحب جي سچائي ۽ ديانتداري ظاهر ڪري ٿو ميونسپل ڪميٽي جو ملازم سرڪاري باغ مان ٻه پپيتا آڻي، هڪ ڊاڪٽر صاحب کي ڏنو ۽ ٻيو گهر وٺي ويو، جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي خبر پئي ته انهن چيو ٻنهي پپيتن کي وڪڻي انھن جا پئسا ميونسپل جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو ڪيترا سٺا انسان ۽ سچائي جا پيروڪار هئا، تقريب ۾ نوجوان صحافي سجاد علي شيخ، سوائي مل رکیسر، قربان جنجهي ۽ ٻين چيو ته سٺن انسانن کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني هميشه عمرڪوٽ جي عوام جي دلين ۾ زنده رهندا، رحيمداڻي اڪيڊمي اعلان ڪيو ته رمضان المبارڪ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ سندن خدمتن کي وڌيڪَ اجاگر ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
v
عمرڪوٽ: صدارتي ايوارڊ يافته ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني
0 تبصرے