ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد ۾ بجلي جي بحالي لاءِ قومي شاهراهه تي پرامن احتجاج ڪندڙ 17 ڄڻن سميت 25 نامعلوم ڳوٺاڻن خلاف شاھ لطيف ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل پوليس ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ٽن ڄڻ مراد ولد غلام ڪلمتي، علي ولد غلام ڪلمتي نادر ولد جمعہ خان ڪلمتي کي گرفتار ڪرکڻي وئي جڏھن تہ شاھنواز ولد يوسف ڪلمتي، ستار ولد انور ڪلمتي، حمزه ولد يوسف گبول، علي ولد غلام، مراد ولد غلام، رفيق ولد سبحان، عاشق ولد محمد رحيم خان، علي ولد الھڏنو شاهه، ڪوڏو ولد اسلم گبول، نادر ولد جمعه خان ڪلمتي، عبدالرشيد ولد محمد اسمعيل ڪلمتي، محمد حاجي ولد عيسيٰ خان، محمد يونس ولد امير ڪلمتي، پنجوخان ولد يوسف گبول، محمد مجيد ولد انور ڪلمتي، محمد نظر ولد جمعه خان ۽ نعيم ولد رحيم گبول کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي ڳوٺاڻن موجب گذريل رات دير سان پوليس چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪندي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ۽ مراد ولد غلام ڪلمتي، علي ولد غلام ڪلمتي ۽ نادر ولد جمعه خان کي گرفتار ڪري کڻي وئي هنن الزام هنيو ته پوليس عورتن ۽ ٻارن ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو ڳوٺاڻن چيو ته بجلي، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف آواز اٿارڻ سندن آئيني حق آهي، پر پوليس طاقت جو ناجائز استعمال ڪري پرامن شهرين کي هراسان ڪري رهي آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جڙتو ڪيس فوري طور ختم نه ڪيا ويا ۽ گرفتار نوجوان آزاد نه ڪيا ويا ته پوءِ احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو ويندو جنهن جي ذميواري انتظاميه تي عائد ٿيندي متاثر ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس زيادتين جو تدارڪ ڪيو وڃي،
0 تبصرے