نوشهروفيروز(ڊر)جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻو صوبائي وزير مسرور خان جتوئي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري انچارج اي ٽي سي جج جي عدالت سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيا جتي 6 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت مورو ۾ لنجار هائوس ساڙڻ واري ڪيس ، بلاول زرداري قتل ڪيس ۽ دادو جي اميناڻي ٿاڻي جي حد جي ڪيس سميت ٻين ڪيسن ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ٿي وئي آهي جڏهن ته اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي محبت ديرو جتوئي ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش جتي پڻ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت 25 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي
0 تبصرے