English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو ۾ مبينا مقابلو، نوجوان جي گرفتاري تي سوال، وڪيلن جو مفت قانوني سهڪار جو اعلان
243 views
|
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو ۾ مبينا جعلي پوليس مقابلو، 16 ورهين جي نوجوان جي گرفتاري تي سوال، وڪيلن جو مفت قانوني سهڪار جو اعلان، شهر ۾ مبينا جعلي پوليس مقابلي ۽ هڪ ننڍي عمر جي نوجوان جي گرفتاري واري معاملي سنجيده سوال اڀاري ڇڏيا آهن۔ ذريعن موجب 12 فيبروري تي ٺٽو پوليس پاران اوجڙي مسجد ڀرسان هڪ مقابلو ظاهر ڪيو ويو، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا۔ جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل هنڌ اهڙي سڙڪ تي واقع آهي جتان فرار ٿيڻ ممڪن ناهي، جنهن ڪري شڪ شبها جنم وٺي رهيا آهن۔ پوليس طرفان هڪ جوابدار شهزاد ولد هاشم کي مفرور ظاهر ڪيو ويو هو۔ متاثر خاندان جو الزام آهي ته گذريل رات لڳ ڀڳ ٻه وڳي پوليس جي ڪيترين ئي موبائلن ۽ موٽر سائيڪلن تي مشتمل نفري شهزاد ولد ظفر جي گهر ۾ داخل ٿي، جتان مبينا طور سون، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کڻي ويو ۽ 16 ورهين جي شهزاد کي حراست ۾ ورتو ويو۔ اهل خانہ موجب صبح شهزاد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ کيس مبينا پوليس مقابلي ۾ ملوث ظاهر ڪيو ويو۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هڪ ننڍي عمر جي نوجوان تي ٻه ڀيرا مقابلي جو الزام هڻڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو۔ ذريعن موجب ڪيس معروف وڪيل جماني وٽ آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي وڪيلن هن ڪيس ۾ مفت پيروي ڪرڻ جي پيشڪش پڻ ڪئي آهي۔ شهري حلقن جو چوڻ آهي ته هو عدالتي ڪارروائي ذريعي شفاف جاچ ۽ انصاف جا منتظر آهن۔ ٻئي پاسي پوليس اختيارين جو موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن معاملي جي مڪمل تصوير سامهون اچي سگهي۔ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي غير جانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ انصاف کي يقيني بڻايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو ۾ مبينا مقابلو
وڪيلن جو مفت قانوني سهڪار جو اعلان
0 تبصرے