ٺٽو پوليس پاران هڪ منشيات ڊيلر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

پوليس ٽيم سان گڏ ڪارروائي دوران شهزاد ظفر بٽ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو: ايس ايڇ او

ٺٽو پوليس پاران هڪ منشيات ڊيلر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس پاران هڪ منشيات ڊيلر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ايس ايڇ او ٺٽو ضياد احمد نوناري جو چوڻ هو ته پوليس ٽيم سان ٺٽي ٿاڻي جي حد ۾ ماذا جوس فيڪٽر لڳ ضلعي ٽٽي جي بدنام ڏوھاري ۽ زھريلي نشي ڪرسٽل آئيس جي ڊيلر شھزاد ظفر ولد محمد ھاشم بٽ کي پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو جڏھن تہ زخمي جوابدار شھزاد ظفر بٽ مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي کيس علاج لاء اسپتال پڻ روانو ڪيو ويو ھوڏانھن ٻئي پاسي ٽٽي ٽائون جي سول سوسائيٽي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجھ عرصو اڳ ٺٽي ٽائون تي ڦورن،جوارين،داداگيرن ۽ منشيات فروش جو قبضو ھجڻ ڪري ٺٽي ۾ بدامني جي باھ ٻري رھي ھئي پر خوشي ۽ فخر سان چونداسين سنڌ پوليس جي سچار ۽ دبنگ پوليس آفيسر ايس ايڇ او ٺٽو جناب ضياد احمد نوناري جي ٺٽي ٿاڻي تي مقرري کانپوء ھن وقت ننگر ٺٽي ۾ سک،امن ۽ شانتي جا سفيد ڪبوتر اڏري رھيا آھن.