عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سلطان چوڪ وٽ سولنگي برادري جي پوليس جا گھر خالي ڪرائڻ دوران پوليس جي تذليل جي متاثر ٿيل خاندانن سان ملاقات ڪرڻ توڙي تفصيل معلوم ڪرڻ لاء پُھتو جتي تشدد جو نشانو بڻيل عورتن طرفان ظلم بابت دانھون ڪيون ويون صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ چيو ته مامري جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو آھي جيئن معاملي کي سنجيدگي سان ٻڌي منصفاڻي ۽ پائيدار حل طرف اڳڀرائي ڪري سگهجي عورتن سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسانجون مائرون ۽ ڀينرون آهيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جا پراڻا جيالا ۽ وفادار ساٿي آهيو، آئون ننڍپڻ کان هن علائقي کي ڏسندو آيو آهيان، توهان ڏهاڪن کان هتي آباد آهيو، پوءِ اوچتو تڪرار ڇو پيدا ٿيو؟ هن چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد دوران احتياط ضروري آهي، بيلف موڪلڻ جهڙن قدمن سان بيچيني وڌي، قانون جو احترام ڪندي معاملي کي سلجهائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون وينديون، سيد سردار علي شاهه واضع ڪيو ته پوليس جي مبينه زيادتين بابت پڻ انڪوائري ويٺي آهي ۽ ڪنهن به اداري کي قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي، عيد کانپوءِ باقاعده ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا سمورن ڌرين جا ڪاغذ ۽ دعوائون ڏسي شفاف فيصلو ڪندي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه سياسي ماڻهون ذاتي تنقيد ذريعي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر هو اهڙين ڳالهين کي برداشت ڪري عوامي مفاد کي اوليت ڏيندو رھندو، هن چيو ته ضلعي قيادت ڌرڻي دوران جڏهن سولنگي برادري احتجاج طور ويٺل هئي، تڏهن ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين میاں خالد ولهاري ۽ سينيئر نائب صدر برھان الدین ڪنڀر پاڻ ڌرڻي واري هنڌ پهتا، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، کين خاطري ڪرائي ۽ رضامندي سان پرامن نموني واپس گهرن ڏانهن منتقل ڪرائي ڇڏيو، ھن چيو تہ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ۽ ٻين سماجي اڳواڻن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جن سولنگي برادري کي رهائشي تحفظ ۽ سرڪاري پلاٽن جي فراهمي بابت حمايت جو اعلان ڪيو آهي، هن وڌيڪَ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن موجوده جاءِ بابت قانوني پيچيدگيون برقرار رهن ٿيون ته ضلعي انتظاميه ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ويندي ته سولنگي برادري لاءِ شهر جي ويجهو مناسب سرڪاري پلاٽ مختص ڪيا وڃن، جتي هو پنهنجي رهائش سان گڏ ڪاروبار به ڪري سگهن، اسان چاليهن سالن کان هن برادري کي هتي آباد ڏٺو آهي، جيڪڏهن کين هتي قانوني طور حق ملي ٿو ته بيشڪ هتي ويهن، پر جيڪڏهن ٻي جاءِ ڏيڻ ضروري ٿي ته اها به عزت ۽ سهولت سان ڏني ويندي، هن پلاٽ جي بدلي نه پر حڪومت طرفان الڳ بندوبست ڪيو ويندو، دوري دوران صوبائي وزير بزرگ عورتن سان گڏ ويهي دعائون ورتيون سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان جي خواهش آهي ته سولنگين مان ڳوٺ ٺهن، شهر آباد ٿين، ۽ هر خاندان کي ترقي جا موقعا ملن، پاڪستان پيپلز پارٽي غريبن جي خدمت ۽ سندن در تي انصاف پهچائڻ تي يقين رکي ٿي، ان موقعي تي سرفراز علي شاهه، رسول بخش رحيمداڻي سميت ضلعي عملدار، سياسي سماجي شخصيتون ۽ پارٽي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.
0 تبصرے