هٿياربندن فائرنگ ڪري خالد حسين مبيجو کي قتل ڪري ڇڏيو
نوشھروفيروز (ڊ ر)پڊعيدن کان ميرانپور روڊ تي ڦر جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان خالد حسين مبيجو کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف جي لهر ڇانيل آهي. تفصيل موجب نامعلوم جوابدارن خالد حسين مبيجو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن مٿس سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. واقعي کان پوءِ علائقي واسين زخمي کي فوري طور ايمرجنسي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. عيني شاهدن موجب واقعي وقت ايمبولنس جي سهولت موجود نه هئي، جنهن ڪري زخمي کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير پيش آئي. وارثن ۽ شهرين افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ علائقي ۾ گشت وڌايو وڃي ته جيئن اهڙن افسوسناڪ واقعن جو خاتمو آڻي سگهجي. پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نامعلوم جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.
0 تبصرے