English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ سٽي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر انيلا قريشي کي صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم
210 views
|
02nd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گورنمينٽ آف سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ پاران 50 بسترن واري اسپتال گڏاپ سٽي، ضلعي ملير ڪراچي جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر انيلا قريشي کي فوري طور صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر انيلا قريشي، جيڪا سينئر وومين ميڊيڪل آفيسر (بي ايس-19) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي، کي فوري اثر سان ۽ ايندڙ حڪمن تائين صحت کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. حڪم 28 فيبروري 2026 تي ڪراچي مان جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن تي سيڪريٽري صحت طاهر حسين سانگي صحيون ڪيون آهن. ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي اڳواڻ زمان جوکيو ۽ ٻين شهرين گڏاپ سٽي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ٻين انتظامي معاملن بابت شڪايتون سامهون آنديون هيون. ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ۽ بحث پڻ ٿيو هو. معاملي جو نوٽيس ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ضلعي انتظاميا پاران ورتو ويو هو. مقامي ذريعن موجب زمان جوکيو کي اسپتال انتظاميه 15 تي فون ڪرڻ بعد حراست ۾ ورتو ويو هو، جنهن جي اطلاع تي علائقي جا رهواسي، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ گڏاپ ٿاڻي پهتا. بعد ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. پوليس يا انتظاميا طرفان ان حوالي سان باقاعده بيان جاري نه ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گڏاپ سٽي جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ بنيادي سهولتن بابت شڪايتون اڳ به سامهون اينديون رهيون آهن. صحت کاتي طرفان جاري ڪيل تازي حڪم بابت وڌيڪ سبب ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ سٽي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر انيلا قريشي
0 تبصرے