ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس، اجلاس ۾ مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

اجلاس ۾ خدا بخش بهراڻي، عبدالله راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس، اجلاس ۾ مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اڄ صبح سوير هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي ۽ ڊسٽرڪٽ مينيجر انڊس ارٿ ٽرسٽ عبدالله راجپر شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ اجلاس دوران اين جي اوز جي ڪردار، سماجي ڀلائي وارين سرگرمين ۽ باهمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو خاص هدايتون جاري ڪندي چيو ته اين جي اوز جي سهڪار سان عالمي عورتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ضلعي سطح تي هڪ اثرائتي ۽ بامقصد تقريب جو اهتمام ڪيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو گڏيل سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن لاءِ سڀني لاڳاپيل اين جي اوز کي گڏ کڻي جامع پروگرام ترتيب ڏنو وڃي۔ اجلاس ۾ اين جي اوز سان لاڳاپيل ٻين معاملن ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي پڻ غور ڪيو ويو۔