رسول آباد ۾ ايران تي حملن ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي شهادت واري واقعي خلاف ريلي

رسول آباد ۾ ايران تي حملن ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي شهادت واري واقعي خلاف ريلي

ھڱورجا(رپورٽر)ايران تي امريڪا ۽ اسرائيل پاران ڪيل حملي ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي شھادت واري واقعي خلاف رسول آباد ۾ مختلف شيعا تنظيمن پاران . مولانا محمد ابراھيم خاڪي زنوار لياقت دايو .منظور جھانگر وسيم ھاشماڻي.شمشاد ڪوري ڪاظم ڏاھري ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف رسول آباد کان احتجاج ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ماڻھن جي ھٿن ۾ آيت الله علي خامنائي نون تصويرون ۽ آمريڪا اسرائيل مردھ آباد جا نعرا ھڻي رھيا ھئا ريلي شھر جي مختلف چوڪن چوراھن تان ٿيندي پريس ڪلب ھنڱورجا جي سامھون قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آھي ت آمريڪا ۽ اسرائيل مسلمانن کي ختم ڪرڻ لاء ايران تي جارحانا ۽ بزدلانا حملو ڪري ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي شھيدڪري ڇڏيو آھي آمريڪا اسرائيل جي اجڙي بزدلانا ڪاروائي خلاف سڄي دنيا جا مسلمان سروپا احتجاج بڻيل آھن دنيا جي عظيم مسلمانن جي ليڊر جي شھيد ڪيون ويو آھي ھنن پاڪستاني سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي تہ آمريڪي ڪانسل خانانا فوري بند ڪيا وڃن.