ميرپور ساڪرو جي سٽي غلام الله ۾ ترقياتي ڪمن جو باقاعده آغاز

ميرپور ساڪرو جي سٽي غلام الله ۾ ترقياتي ڪمن جو باقاعده آغاز

ٺٽو(شفيق ڀٽي)صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور جو واعدو وفا صوبائي وزير علي حسن زرداري ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي محنت، ذاتي دلچسپي ۽ مؤثر نگرانيءَ جي نتيجي ۾ 15 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان پي ايس 76 ميرپور ساڪرو جي سٽي غلام الله ۾ پيور بلاڪ روڊ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم جي ترقياتي ڪم جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي حڪم تي محسن ھائوس جي ترجمان شاھنواز لوهار انجنيئر عظمت ڦل لختي حيدر غلام الله پھچي جائزو ورتو پراڻي واٽر سپلاءِ جي تلاءَ جو وزٽ ڪيو ۽ پمپ ھائوس لاءِ پلاٽ جو پڻ معائنو ڪيو محسن ھائوس جي ترجمان شاھنواز لوهار غلام الله پريس ڪلب جي ٽيم سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس 76 تڪ جي ايم پي اي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي ڪوششن سان غلام الله ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي پھرئين مرحلي ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جنھن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو ان موقعي تي غلام الله پريس ڪلب جي ٽيم صدر پيرل پياسي ملاح شھزاد ملاح اجي ڪمار مقبول ڪھيو رحيم بخش ملاح اڳوڻي يوسي چيئرمين طفيل ميمڻ وائيس چيئرمين خيرمحمد ملاح ستار لاکاڻي اسلم خواجا لالا کٽي سجاد درس ۽ ٻين بريفنگ ڏني انھيءَ موقعي تي محسن ھائوس جي ترجمان شاھنواز لوهار انجنيئر عظمت ڦل لختي حيدر چيو ته انشاءالله غلام الله جي واٽر سپلاءِ جو ڪم ٻن ڏينهن اندر شروع ڪيو ويندو حاجي علي حسن زرداري جو ڪيل واعدو وفا ٿي ويو آھي هي منصوبو علائقي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ شهري زندگيءَ ۾ سهولتن جو نئون باب کوليندو۔ جديد معيار موجب ٺهندڙ پيور بلاڪ روڊ سبب آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿيندي، ساڳئي وقت واٽر سپلاءِ اسڪيم وسيلي علائقي جي رهواسين کي صاف، معياري ۽ لڳاتار پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، جيڪا صحتِ عامه لاءِ انتهائي اهم آهي۔ هي منصوبو ماحولياتي بهتري، شهري سهولتن ۾ واڌ ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ صوبائي وزير علي حسن زرداري جو ويزن آهي ته سنڌ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ تائين ترقي جا ثمر پهچايا وڃن، جيئن عوام کي بنيادي سهولتون سندن در تي مهيا ٿين۔ حڪومتِ سنڌ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي اوليت ڏيندي شفافيت، معيار ۽ وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي۔ علائقي جي ماڻهن هن منصوبي جي شروعات تي خوشيءَ ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ٿيندو ۽ کين بهتر سهولتون حاصل ٿينديون۔ عوامي خدمت اسان جو مشن آهي، ترقي اسان جو واعدو آهي۔ اسين ترقي جي هن سفر کي هر حال ۾ جاري رکنداسين ھوڏانھن صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي ڪوششن سان غلام الله کي مليل ترقياتي ڪمن بابت شھرين سياسي سماجي اڳواڻن خوشي جو اظهار ڪيو آهي