هزار کان وڌيڪ گهرن تي ٻڌل ڳوٺ تعليم، صحت، پاڻي ۽ گيس کان وانجهيل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ۾ اڄ به 4 سئو سال قديم تماچي ڪولهي ڳوٺ جا رهواسي پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور، هڪ هزار کان وڌيڪ گهرن تي ٻڌل ڳوٺ تعليم، صحت، پاڻي ۽ گيس سميت سمورين سهولتن کان وانجهيل، اسڪول نه هجڻ سبب 4 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم، عورتون مٿي تي ٿانو رکي ڏورانهين علائقن مان پاڻي ڀرين ٿيون، گيس نه هجڻ سبب ڪاٺين تي گذارو ڪيون پيا: ڳوٺاڻا صحافين آڏو زندگي جا سور ٻڌائيندي روئي ويٺا، تفصيل موجب: روشين جي شهر ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي ۾ اڄ به 4 سئو سال قديم تماچي ڪولهي ڳوٺ جا رهواسي پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن هڪ هزار کان وڌيڪ گهرن تي ٻڌل تماچي ڪولهي ڳوٺ ۾ تعليم، صحت، پاڻي ۽ گيس سميت سمورين سهولتن کان وانجهيل ڳوٺاڻن کي چار سئو سالن ۾ روڊ رستا به ناهن ملي سگهيا اسڪول نه هجڻ سبب 4 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن عورتون مٿي تي ٿانو رکي پري وارن علائقن مان پاڻي ڀرين ٿيون ڳوٺاڻا گيس نه هجڻ سبب ڪاٺين تي گذارو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن ان موقعي تي ڳوٺاڻن رام لو، چاندني، جمون ڪولهي ۽ ٻين چيو ته هن دور ۾ به تعليم، صحت، پاڻي ۽ گيس سميت ڪابه سهولت موجود ناهي هن ڳوٺ جا 4 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ اسڪول نه هجڻ سبب تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن هنن چيو ته عورتون صبح سوير مٿن تي ٿانو کڻي ڀرپاسي جي فارم هائوس مان پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون جڏهن ته ڪيتريون ئي نياڻيون عورتون ٻارڙا ڪاٺيون ڪري گهري جي چلهه ٻارين ٿا هنن جو چوڻ هو ته هي ڳوٺ چار سئو سال قديمي آهي پر هن ملڪ کي قائم ٿئي 78 سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين نه بجلي، نه گيس، نه اسڪول ۽ نه ئي صحت جي حوالي سان ڪا سهولت ڏني وئي آهي حڪومت اڄ تائين هڪڙو به ڪم ناهي ڪرائي سگهي، هيڏي وڏي شھر ۾ اسان انسان هوندي به جانورن کان وڌيڪ ڏکئي زندگي گذاريون پيا اسانکي دل سان تسليم نه ڪيو ويو آھي ووٽ ڏيڻ باوجود اسانجو مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان کي تعليم، صحت جو سهولتون فراهم ڪري بجلي ۽ گيس جهڙي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ مظلوم قومن کي اتحاد، فڪري سجاڳي ۽ باهمي يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي تقريب ۾ شھيد آيت اللہ سيد علي خامنہای جي تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري ۽ گل نڇاور ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي شرڪت ڪندڙن وڏي عقيدت سان سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عزم ظاهر ڪيو ته هو حق، انصاف ۽ اتحاد جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔ ميڙاڪي جي آخر ۾ ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو
0 تبصرے