نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن پاران من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن پاران من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ٺيڪيدارن پاران بلڊنگس کاتي، روڊ ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي اين آء ٽي ۾ من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف ڊي سي آفيس کان ايس اي ورڪس اينڊ سروسز جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ٺيڪيدار اڳواڻ عمير خانزاده ، علي رضا بلر، اصغر ڪورائي ، محبوب راڄپر ڪئي جن عملدارن جي ناجائزين خلاف نعري بازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٺيڪيدارن جي اڳواڻن چيو ته مٿي ڄاڻايل کاتن جي عملدارن پاران کليل واڪ ڏيڻ بجاءِ بند ڪمرن ۾ ڳري رشوت خوري ڪري من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي ڇڏيا آهن جيڪا اسان پروفيشنل ٺيڪيدارن سان وڏي ناجائزي آهي هنن چيو ته اگر جيڪڏهن من پسند ۽ رشوت خوري جي بنياد تي ٺيڪا ڏنا ويندا ته پوءِ انهن ڪمن جو معيار ڪهڙو هوندو هنن مطالبو ڪيو ته لڪ ڇپ ۾ ٿيل اين آء ٽي کي رد ڪري سيپرا جي قانون تحت اصل پروفيشنل ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا وڃن ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو