عمرڪوٽ ۾ اسماعيل سميجو جي والد ۽ ڳوٺاڻن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

پٽ جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن مان هڪ علي حسن سميجو اڃان گرفتار ناھي ٿيو: جمال الدين سميجو

عمرڪوٽ ۾ اسماعيل سميجو جي والد ۽ ڳوٺاڻن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ اسماعيل سميجو جي والد جمال الدين سميجو ۽ متاثر خاندان پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، مظاهرو ڪندڙن پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته قاتلن کي فوراً گرفتار ڪيو وڃي ۽ خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جمال الدين سميجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن مان هڪ علي حسن سميجو اڃان گرفتار ناھي ٿيو، هن ٻڌايو ته عدالت پاران ان جي ٻيهر گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ويا، پر پوليس ان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، مقتول جي والد وڌيڪ چيو ته پوليس جي ڪارروائي مان مطمئن نه آهيون ۽ بااثر سياسي مداخلت سبب جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي، هن الزام لڳايو ته جوابدارن جا مائيٽ پڻ انهن تي قاتلاڻو حملو ڪري چڪا آهن، جنهن جي ٿاڻي تي درخواست ڏني وئي، پر اڃان تائين ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ٿي آهي، مظاهرو ڪندڙن جنهن ۾ مقتول جو چاچو، پاڙيسري ۽ ويجهي ڳوٺ جا رهواسي شامل هئا، پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته سڀئي جوابدار فوري گرفتار ڪيا وڃن ۽ متاثر خاندان کي تحفظ مهيا ڪيو وڃي، متاثرن الزام لڳايو ته جوابدار جو وڪيل، جيڪو جوابدار جي ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ مبينا تحفظ فراهم ڪيو ۽ وڪيل پوليس کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن بحث ڪئي وئي ته هو دفعه 22-A تحت ڪارروائي ڪندو، واضح رهي ته اسماعيل سميجو جو بي رحماڻي قتل 25 جنوري تي پيش آيو، جنهن کان پوءِ متاثر خاندان ۽ ڳوٺاڻن پاران احتجاج شروع ڪيو ويو، والد ۽ خاندان جو مطالبو آهي ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ پوليس ۽ اعليٰ اختيارين خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪن.