English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ايراني سپريم ليڊر جي شهادت ۽ ايران تي حملن خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
255 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
وڪيلن پاران بليڪ ڊي ملهائڻ جو اعلان. شيعا حيدرِ ڪرار ۽ جماعت اسلامي طرفان ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت تي احتجاجي ريلي، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، وڪيلن پاران بليڪ ڊي جو اعلان. ٺٽي ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. شيعا حيدرِ ڪرار ۽ جماعت اسلامي طرفان ايدهي سينٽر کان ٽريفڪ چوڪي ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ عالمن، مذهبي ۽ سياسي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. ڌرڻي سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته پوليس جي نفري به موقعي تي موجود رهي. مقررِين خطاب ڪندي چيو ته ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري کليل جارحيت آهي ۽ مسلم دنيا کي ان تي متحد ٿي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد اڳواڻ هميشه ظلم خلاف ڊٽڻ جو پيغام ڏنو ۽ سندن جدوجهد امتِ مسلمه لاءِ مشعلِ راهه رهندي. هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ جنگي ڪارروايون بند ڪرايون وڃن. احتجاج ڪندڙن چيو ته اهڙا قدم عالمي امن لاءِ خطرو آهن ۽ جيڪڏهن عالمي طاقتون خاموش رهيون ته خطي ۾ وڌيڪ بيچيني ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيندو. ٻئي طرف ٺٽو ضلعي بار ايسوسيئيشن به تعزيتي قرارداد منظور ڪندي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر سيد اعزاز حسين شاهه پاران پهرين مارچ تي يومِ سياه ملهاڻ ۽ 2 مارچ تي ضلعي ٺٽو جي عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايراني سپريم ليڊر جي شهادت ۽ ايران تي
0 تبصرے