English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: خانگي ٽيڪسٽائل ملز انتظاميا ڪيترن ئي کي ملازم برطرف ڪري ڇڏيو
219 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پاران سڀاڻي ملز جي گيٽ آڏو ڌرڻي جو چتاءُ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ جي مقامي اڳواڻ ساجد گوريلو ۽ ضلعي ملير جي صدر جنسار هيسباڻي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته خانگي ڪمپني ڪرائون ٽيڪسٽائل ملز جي انتظاميا ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ مزدورن کي جبري طور نوڪرين تان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي۔هنن چيو ته اظهر علي جوکيو، شير محمد سولنگي، رحيم خان سميت وڏي تعداد ۾ مزدورن کي بنا جواز فارغ ڪيو ويو آهي، جيڪو مزدورن سان ناانصافي ۽ معاشي زيادتي آهي۔ ساجد گوريلو ٻڌايو ته برطرفين خلاف 3 مارچ تي فيڪٽري گيٽ آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڪمپني جي جي ايم مشاهد، ايڊمن مينيجر محمود ۽ سندن ساٿاري غفار بلوچ پاران مبينا طور ڌمڪيون ڏنيون ويون ته احتجاج نه ڪيو وڃي۔هنن الزام هنيو ته غفار بلوچ دعويٰ ڪئي ته شاه لطيف پوليس اسٽيشن جو ايس ايڇ او سندس دوست آهي ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو۔ اڳواڻن چيو ته اهڙيون ڌمڪيون جمهوريت ۽ مزدورن جي آئيني حقن تي سڌي حملو آهن۔پريس ڪانفرنس دوران ڊي سي ملير کي درخواست ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو ۽ سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته غفار بلوچ سميت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري مزدورن ۽ سياسي ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔جنسار هيسباڻي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن برطرف ڪيل مزدورن کي بحال نه ڪيو ويو ۽ ڌمڪيون بند نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: خانگي ٽيڪسٽائل ملز انتظاميا ڪيترن ئي
0 تبصرے