ٻھارا جي ڳوٺ حاجي محمد حسن عباسي ۾ “تعليم بچايو ۽ ماحولياتي آلودگي گھٽايو” جي عنوان سان تقريب منعقد
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)سنڌ ڪلچرل فورم (سنڌ) جي اهتمام هيٺ ٺٽي جي علائقي ٻھارا جي ڳوٺ حاجي محمد حسن عباسي ۾ سنڌ جي نامياري عالم، اسڪالر ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضي جي 140هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان “تعليم بچايو ۽ ماحولياتي آلودگي گھٽايو” جي عنوان سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس جي ريجنل ڊائريڪٽر محمد حسن رند ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي محمد حسن رند، سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، يونين ڪائونسل کڱاڻ جي چيئرمين خان محمد ھديو، يونين ڪائونسل ٻھارا جي چيئرمين محمد خان ڪنڀار، ميزبان ۽ پريس ڪلب ٻھارا جي صدر عبدالغني عباسي، سنڌ سجاڳ سماجي تنظيم جي صدر محمد ابراهيم ھيجب، سنڌ ڪلچرل فورم جي وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو ۽ ضلعي ٺٽي جي نگران علي محمد بروهي سميت ٻين چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي هڪ وڏو مفڪر ۽ مدبر هو، جنهن جي علمي ۽ فڪري خدمتن جو اثر اڄ به محسوس ڪيو وڃي ٿو۔ مقررن چيو ته علامه قاضي سنڌ يونيورسٽي جي قيام ۽ ان جي مضبوط بنيادن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس فڪر تعليم کي رڳو روزگار نه پر سماجي ۽ روحاني ترقي سان ڳنڍي ٿو۔ هنن وڌيڪ چيو ته علامه قاضي پنهنجي گهرواري مسز ايلسا قاضي سان گڏ شاهه جي رسالي تي اهم ڪم ڪيو ۽ “ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾” جهڙا ڪتاب پڻ ڏنا، جڏهن ته مغربي فلسفي کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو۔ علامه اقبال، مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا آزاد جهڙا عالم پڻ سندس قدردان رهيا۔ تقريب دوران مزاحمتي شاعر جي ايم ٿھيم، فقير محمد اشرف ڀٽائي ۽ سماج سڌارڪ ڪي بي لاشاري شاعري وسيلي علامه قاضي کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ ان موقعي تي تعليم ۽ ماحولياتي آلودگي خلاف ڪم ڪندڙ شخصيتن عبدالغني عباسي، خان محمد ھديو، محمد خان ڪنڀار، امير بخش سومرو، مس سمرن سليم خواجہ، مس مھوش عمراڻي، مس شبنم عارفاڻي، عبدالوحيد سومرو، گلزار احمد بھراڻي، ڊاڪٽر محمد صالح دل ۽ جليل الرحمان عباسي کي “علامه آءِ آءِ قاضي مڃتا ايوارڊ” سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏهن ته علامه قاضي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف وڻن ۽ گلن جا ٻوٽا پڻ پوکيا ويا۔
0 تبصرے