ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو هن وقت سماج جي مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي اچ وڃ جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي وقت بوقت سماج جي اڳتي نڪتل ۽ پنھنجي شعبي جي ماھر فردن کي مدعو ڪري ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي ۽ ضلعي جي مجموعي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون. انهن سرگرمين جو بنيادي مقصد مختلف ڌرين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ ويڇا ختم ڪري گڏيل ترقي جي راهه هموار ڪرڻ آهي. ضلعي جي زرعي حيثيت جي بنسبت اڄ خيرپور کان آيل معزز مهمانن، غلام عباس شر ۽ مختيار پنھور عوامي پريس ڪلب ٺٽو جو دورو ڪيو، جتي هنن پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ عهديدارن سان ملاقات ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مهمانن پريس ڪلب جي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون گڏجاڻيون سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. ملاقات دوران ٺٽي جي زراعت بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ خاص طور تي زمينداري جي بهتري لاءِ زميندارن جي تربيت ۽ آگاھي لاءِ مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ ، فصلن جي پيداوار وڌائڻ، زرعي دوائن جي صحيح استعمال ۽ جديد زرعي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چانورن جي فصل بابت به خاص بحث ٿيو، جنهن ۾ بيمارين کان بچاءُ، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ سٺي نتيجي لاءِ بهتر حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. انکان سواءِ خانقاهِ عاليه جيلاني هائوس مڪلي سان تعلق رکندڙ پير معاذ شاهه جيلاني پڻ پريس ڪلب پھچي مان بخشيو. ڪچهري دوران سماجي مسئلن، علائقي جي بهتري، نوجوانن جي رهنمائي جي حوالي سان اھم ڳالھ ٻولھ ٿي. پير معاذ شاهه جيلاني چيو ته نوجوان ڪنهن به قوم جو مستقبل آهن، انهن کي تعليم، شعور ۽ سٺن قدرن سان سنوارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ساڻس گڏ علي جرار مغل پڻ گڏ ھو. جڏھن ته پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون ، عبيدالله جماري ، شبیر مانجھند ،مختيار جان چانڊيو ، ثناءُ الله سمون ، مجتبي بڪيرو ۽ ٻين آيل مھمانن جي آجيان ڪئي.
0 تبصرے