English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ يوسي گلمنڊه جي رهواسين جا يوسي چيئرمين تي ڪرپشن جا الزام
189 views
|
19th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
يوسي گلمنڊا جا رهواسي گل حسن جاکرو ۽ عاطف علي خاصخيلي پريس ڪلب پهچي ويا
ٺٽو( شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ يوسي گلمنڊه جي ووٽرن گل حسن جاکرو ۽ عاطف علي خاصخيلي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته يوسي چيئرمين پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بدران ماهوار ملندڙ بجٽ ذاتي استعمال هيٺ آڻي رهيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران هنن چيو ته يوسي ۾ عوامي فلاح لاءِ ڪا به نمايان ترقي نظر نٿي اچي، جڏهن ته مبينا طور تي چيئرمين پنهنجي ڳوٺ ۾ ذاتي بنگلي جي تعمير شروع ڪرائي آهي، جيڪو سواليا نشان آهي. هنن وڌيڪ الزام هنيو ته ڪجهه سرٽيفڪيٽن جي جاري ڪرڻ تي في ٻار هزار روپيه ورتا وڃن ٿا، جنهن کي هو غريب عوام تي اضافي بوجھ قرار ڏين ٿا. مظاهري ڪندڙن جو چوڻ هو ته يوسي چيئرمين جو تعلق پيشه ورانه طور ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ مستري جي شعبي سان آهي، ۽ سندس سياسي انتظامي تجربي جي کوٽ سبب علائقي ۾ عوامي مسئلا وڌي رهيا آهن. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته يوسي گلمنڊه جي ترقياتي بجٽ ۽ منصوبا شفاف طريقي سان جانچيا وڃن ۽ مبينا بي ضابطگين جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس ۾ هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن معاملي تي فوري ڪارروائي نه ڪئي وئي ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺتي ۾ يوسي گلمنڊه جي
0 تبصرے