ڪارو ڪاري جو رواج ڪڏھن ختم ٿيندو؟

عبدالجبار چانگ - ھڱورجا

ڪارو ڪاري جو رواج ڪڏھن ختم ٿيندو؟

بابا مان ڪاري نہ آهيان
سنڌ صوفين جي ڌرتي ۽ سرزمين آهي سنڌ حضرت سچل سرمست قلندر لعل شھباز جي ڌرتي آهي اتر سنڌ ۾ اڄڪلھ ڪارو ڪاري جو رواج ۽ رسم پئجي ويو آهي ۽ وري رات ھوا ڄائي کي بيگناھ گولين جو کاڄ بڻايو ويو.ڪارو ڪاري جي رسم خاص ڪري اتر سنڌ جي علائقن ۾ اھو رواج عام ٿي ويو آهي ھر سال انگ اکر جاري ڪيا ويندا آهن ۽ ڪاغذن ۾ ھر روز نوان قانون پاس ڪيا وڃن ٿا پر ان تي عمل نہ پيو ٿئي ٽنڊو مستي ڀرسان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي جعمي جي رات جي اونداهي ۾ جرڳي ۾ ڪارو ڪاري قرار ڏنل ناري روبينا عرف خالده چانڊيو کي بيرحاڻي قتل خلاف جڏھن وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي تہ جيئن ڀونچال مچي ويو ھر پاسي سوشل ميڊيا ۾ ھر ڪو مذمت پيو ڪري ۽ ڪرڻ بہ کپي ھر اھو انسان جيڪو انسانيت جو درد رکندڙ آھي انھن جو روح ڄڻ زخمي ٿيو ھجي ۽ ھر روز ڪيتريون ئي ھوا ڄايون گولين جو کاڄ بڻجنديون آھن وري وڏي ڳالھ تہ اھا بہ آھي تہ اتي ھڪ عورت کي ٻن نوجوانن پڪڙيو آھي ۽ پوءِ ان مٿان پسٽل جا فائر ڪيا ويا آهن ۽ ھو ان ھجوم ۾ اڪيلي زمين تي ٿڙپندي رھي پر ڪنھن بہ سندس جي مالڪي يا وارثي نہ ڪئي وڏي ڳالھ تہ رت جي رشتن کي بہ باھ لڳي وئي آهي ۽ سئوٽن ۽ مامن ان کي موت جي ننڊ سماريو 10 اپريل جي رات اھا اڀاڳي رات ھئي جنھن رات روبينا چانڊيو ھن سماج کي ھميشھ لاءِ الوداع ڪيو ۽ وري وڏي ڳالھ اھا بہ آھي تہ گوليون ھڻي اھا اتي ئي 2 ڪلاڪن تائين تڙپندي رھي آھي پر ڪنھن بہ اسپتال تائين نہ پهچايو ۽ ان وقت پوليس بہ موجود ھئي روبينا چانڊيو (آء نٿو مڃان ھن دستو کي نہ ٿو مڃان) روبينا چانڊيو جو وڊيوز چار ڏينھن کانپوءِ منظر عام آيو ۽ پوليس سميت سڀ سسٽم حرڪت م اچي ويو ۽ وڏي ڳالھ تہ بغير غسل جي بغير جنازي نماز جي بغير قبر جي ڪئين ھوا ڄائي کي پوليس جي پھري ۾ ۽ رات جي انڌيري ۾ دفن ڪيو ويو افسوس جڏھن وڊيوز اسان جي نظر مان گذريو تہ ڄڻ لڱ ڪنڊارجي ويا ۽ وڏو افسوس ٿيو مسلسل احتجاج ۽ ميڊيا جي زينت بڻيل روبينا چانڊيو جو نيٺ اڄ سندس جي آخري آرامگاهه تي جنازي نماز پڙھائي وئي ۽ ان م سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽انسانيت سان درد رکندڙ انسانن ان جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ئي ڪئيپ لڳائي وئي ۽ روبينا چانڊيو جي قتل ۾ ملوث انھن کي گرفتار تہ ڪيو ويو آهي پر انھن کي منتقلي انجام تائين پھچايو وڃي ۽ روبينا چانڊيو سان انصاف ڪيو وڃي.