English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قلمي نسخن کي اربين رپيا بجيٽ باوجود ڪو ادارو ڇاپڻ لاءِ تيار ناھي:ساس ڪراچي
150 views
|
17th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ساس ڪراچي شاخ جي دستوري گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ اختردرگاھي جي صدارت ۾ ٿي، ڪارروائي نثار نازرڪ ھلائي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي دستوري گڏجاڻي خميس جي شام آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي گل رنگ ھال ۾ نامياري شاعر اديب محقق ۽ راڳي اختردرگاھي جي صدارت ۾ ٿي گذري گڏجاڻي جي ڪارروائي سنگت شاخ ڪراچي جي سيڪريٽري نثار نازرڪ ھلائي، گڏجاڻي ۾ جنرل مينيجر پي ٽي وي سيد امجد علي شاھ خصوصي شرڪت ڪئي جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير اديب ۽ ڏاھي مدد علي سنڌي ضلعي رابطا سيڪريٽري ساس ڪراچي راشد لکمير، وحيد محسن، مظفر ميمڻ، مريد ڄامڙو، وحيد سمون، اظھر ٻانڀڻ، سارنگ جويو، غفورکتري، امين جويو، پيار علي لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، شاعر پنهنجي استعارن ۽ان موقعي تي شاعرن اديبن پنهنجون تخليقون پڻ پيش ڪيون، گڏجاڻي ۾ اديبن شاعرن ڳالهائيندي چيو ته تمسيلن جي شڪل ۾ پنهنجي اندر جي اظهار ۽ ڪنهن به اجتماعي مامري کي پنهنجي تخليقن ۾ پيش ڪندو آهي ڪيفتن جذبن ۽ احساسن جو نالو شاعري آهي، سنڌي ادبي سنگت ترقي پسند ۽ وطن دوست اديبن ۽ شاعرن جو واحد پليٽ فارم آهي جتان ھرقسم جو آواز اٿاري سگهجي ٿو ڌرتي ۽ ٻولي فنڪارن قلمڪارن جي حوالي سان انهن جي حقن لاء جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي سنڌ ۾ تخليقي ڪمن تي ڪم ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪارج وڄائي چڪا آهن قلم جو پورھيو ڪندڙ اديبن شاعرن ۽ تاريخدانن جي ڪلمي نسخن کي ڪروڙين اربين رپيا بجٽ ھجڻ باوجود ڪو ادارو ڇاپڻ لاءِ تيار ناھي پبلشر مختلف قلمڪارن جا ڪتاب ڇاپي پاڻ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻيل آهن، مگر ليکڪ کي رائلٽي جي مد ۾ ٽڪو به ادا نٿو ڪيو وڃي، تمام وڏي ليکڪ عبدالواحد آريسر جي ڪتاب ڇاپي پبلشر لک پتي بڻيا مگر ستم ظريفي ڏسو ھن جي بيواھ کي چاليھھ ھزار ڏنا ويا جنھن پنهنجي ڳئون جو کير وڪڻي گذرسفر ڪيو سنڌ جي قلمڪارن ڏاھن ۽ گھڻ گھرن کي پنهنجو آواز اٿارڻ گھرجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ
0 تبصرے