English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جهرڪ ڀرسان لنڪ ڪئنال ۾ وهنجندي هڪ نينگري ٻڏي وئي، ٻي کي علائقي واسين بچائي ورتو
156 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( رپورٽ شفيق ڀٽي)جهرڪ ڀرسان لنڪ ڪئنال ۾ افسوسناڪ حادثو، هڪ نينگري فوت، ٻي بچائي وئي۔ جھرڪ ٿاڻي جي حدن اندر چلھ سائيٽ ڀرسان آر ڊي 189 وٽ واقع لنڪ ڪئنال ڪراچي واه ۾ اڄ صبح تقريباً 10:20 وڳي هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ڳوٺ عاز محمد جاکھرو سان واسطو رکندڙ ٻه معصوم نينگريون وهنجندي پاڻي جي تيز وهڪري ۾ وهي ويون۔واقعي دوران ستن سالن جي نسيبان ڌي منظور جاکھرو کي فوري طور تي مقامي ماڻهن بچائي ورتو، جڏهن ته ٻي ستن سالن جي نينگري شهناز ڌي عبدالعليم پاڻي ۾ ٻڏي گم ٿي وئي، جنهن جي بعد ۾ فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي اطلاع ملندي ئي هيومن رائيٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل هسٽس ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري ارشاد علي گندرو جي اڳواڻي ۾ غوطه خورن جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڳولا شروع ڪئي۔ ريسڪيو 1122 جي ٽيم به تقريباً 1:45 وڳي پهتي، جڏهن ته جھرڪ پوليس واقعي کان لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪ دير سان پهتي، جنهن تي علائقي واسين پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو۔علائقي جي رهواسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن خطرناڪ هنڌن تي حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جهرڪ ڀرسان لنڪ ڪئنال ۾ وهنجندي هڪ
0 تبصرے