ملير جي قديمي ڳوٺ سجاول جوکيو جي پرائمري اسڪول جي عمارت ورهين کان زبون حال

ملير جي قديمي ڳوٺ سجاول جوکيو  جي پرائمري اسڪول جي عمارت ورهين کان زبون حال

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي قديمي سجاول جوکيو ڳوٺ ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول جي عمارت انتهائي خراب ۽ زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب شاگردن ۽ استادن جي زندگين کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي۔علائقي واسين موجب هي اسڪول تقريباً 1988 ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ اڄ تائين ان جي ڪا به وڏي مرمت نه ٿي سگهي آهي۔ اسڪول جي ڀتين ، ڇتين ۽ ڪمري جي م حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آهن، جنهن سبب ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔مقامي رهواسين ۽ سماجي اڳواڻن آصف علي جوکيو، سنجير احمد، دلشاد علي ۽ عظيم خان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسڪول جي حالت سبب ٻارن جي تعليم به متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان ڊڄي رهيا آهن۔علائقي واسين لاڳاپيل تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي اسڪول جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي، جڏهن ته علائقي جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي به گهرجي ته هو هن معاملي جو نوٽيس وٺي فوري قدم کڻن ته جيئن ڪنهن وڏي سانحي کان بچي سگهجي۔انهن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي اسڪول جي مرمت نه ڪئي وئي ته ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، جنهن جي مڪمل ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي عائد ٿيندي۔