ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ اجلاس

اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري، چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ٻيا به شريڪ

ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ اجلاس

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو اجلاس چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت ضلعي ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿيو.اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري، چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل عمرڪوٽ محمد شريف ناريجو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن عبدالواحد آريسر، پير حماد جان سرهندي، حاجي حسن راڄڙ، مظھر درس، ڪرپال ڪولھي، نورجهان ڳيلھڙو، خيرالنساء سومرو سميت ٻين ميمبرن، مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ رسول بخش رحيمداڻي سميت صحافين شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري، صحت (PPHI)، زراعت کاتي، ڊرينج سسٽم ۽ تعليم کاتي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بحث شامل هو۔ ان موقعي تي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ “ضلعي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.” ان موقعي تي وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ “ضلعي اندر ترقياتي ڪمن جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ عوامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.” ان موقعي تي اجلاس ۾ ميمبرن غير معياري ٻج، ڊرينيج ۽ ھاري ڪارڊ بابت شڪايتون ڪيون جنھن تي چيئرمين پاران مسئلا حل ڪرڻ لاءِ يقين ڏياريو تہ جلد کان تمام ميبمرن جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊاڪٽر خان محمد شاھ چيو تہ عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪل 204 اسڪول آھن جنھن ۾ 106 سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وث آھن جيڪي بلڪل مفت آھن جڏھن تہ 98 پرائيويٽ اسڪول آھن جن ۾ پڻ 10 سيڪڙو مفت تي عملدرآمد بابت رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان کان پوءِ ايندڙ اجلاس تائين اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.