English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: چشمہ گوٺ علي محمد خاصخيلي ۾ پاڻي جي اسڪيم بند
178 views
|
15th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
قديمي علائقي ۾ گذريل 10 سالن کان پاڻي جي سخت کوٽ برقرار، رهواسي سخت پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي چشمہ جي قديمي علائقي علي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ گذريل 10 سالن کان پاڻي جي سخت کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته تازو منظور ٿيل ٻه انچ پاڻي لائين جي اسڪيم به تڪرار جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب علائقي جا رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔علائقي واسين موجب 2009ع ۾ قديمي قبرستان جي زمين تي مبينا طور بااثر ماڻهن قبضا ڪري مويشي فارمز ۽ پوک قائم ڪئي، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي علائقي جي پاڻي فراهمي متاثر ٿي وئي ۽ آخرڪار گوٺ جا رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ٿي ويا۔رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي احتجاجن ۽ مطالبن کانپوءِ ايم پي اي محمود عالم جاموٽ جي ڪوششن سان ڪورنگي 51-سي مان ٻه انچ پاڻي لائين جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، جنهن بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي ۽ ڪم پڻ شروع ڪيو ويو، پر هڪ بااثر شخص طرفان مبينا طور رڪاوٽون وجهي ٺيڪيدار کي ڪم بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو۔ علائقي واسين موجب 72 انچ مين لائين مان صرف ٻه انچ جو ڪنيڪشن ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ٻين علائقن جي پاڻي فراهمي متاثر ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي، پر ان باوجود اسڪيم ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن۔ متاثر علائقي جي ماڻهن حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري نوٽيس وٺي اسڪيم مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته خبردار ڪيو آهي ته مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: چشمہ گوٺ علي محمد خاصخيلي
0 تبصرے