English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش سارڻ واري واقعي ۾ نوان انڪشاف
194 views
|
15th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
مقتول عثمان ڳجهي شادي ڪئي هئي، کيس ٻار هئا جيڪي امڙ سميت گم آهن: پوليس ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) لانڍي شيرپاؤ ڪالوني جي رهواسي 32 ورهين جي عثمان جي تشدد ڪيل ۽ تيزاب سان ساڙيل لاش واري ڪيس ۾ جاچ دوران اهم ۽ پراسرار انڪشاف سامهون آيا آهن۔ جاچ ڪندڙ اختيارين موجب مقتول عثمان ڳجهي شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻار پڻ آهن، پر سندس زال ۽ ٻار اڃا تائين لاپتا آهن ۽ سندن ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي۔ اختيارين موجب مقتول عثمان 29 مارچ تي گاڏي بڪنگ تي نڪتو هو، جنهن کانپوءِ هو پراسرار نموني گم ٿي ويو۔ بعد ۾ سندس لاش نوري آباد ڀرسان بي دردي سان قتل ٿيل حالت ۾ مليو، جتي سندس چهرو تيزاب سان ساڙيل هو ته جيئن سڃاڻپ مشڪل بڻائي سگهجي۔پوليس موجب مقتول کي پهرين بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو۔واقعي واري هنڌ تان پستول جا خول پڻ هٿ آيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته قتل رٿابندي تحت ڪيو ويو۔ جاچ اختيارين موجب ڪيس ۾ ان وقت پراسرار موڙ آيو جڏهن جاچ دوران معلوم ٿيو ته مقتول ڳجهي شادي ڪئي هئي ۽ کيس ٻار به هئا، جڏهن ته سندس زال ۽ ٻار پڻ پراسرار نموني لاپتا آهن، جنهن سبب ڪيس وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي۔پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ مقتول جي گاڏي ٽول پلازا تي ڏٺي وئي، جتي گاڏي مقتول بدران ڪو نامعلوم شخص هلائي رهيو هو۔ پوليس موجب هن فوٽيج بعد جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي۔پوليس ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود نه مقتول جي گاڏي هٿ ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي سفاک جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي، جڏهن ته جاچ جاري آهي ۽ مختلف پهلوئن کان تحقيق ڪئي پئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد
0 تبصرے