ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)اسٽيج ٫ فلم جو ناميارو ڊائريڪٽر قربان شيخ جي طبيعت ن سڌري. ڊاڪٽرن. طبيبن ڪيئي ھيلا ھليا پر بيماري گھر ڪري ويٺي. وسان نه گھٽائبو. جيترا ڏينھن حياتي آھي. قربان شيخ. ثقافت کاتي وارا من پسند ماڻهن کي نوازين ٿا. شفيق ڀٽي۔برڪت گاد فني دنيا ۾ ڊائريڪٽر قربان شيخ ھڪ وڏو نانءُ آهي. لاھوتي فياض ابڙو. اسٽيج. فلم جو ناميارو ڊائريڪٽر قربان شيخ جي طبيعت ن سڌري. ھو موزي مرض م اھڙو ته جڪڙيل آهي جو سواءِ صحيح علاج جي ٺيڪ ڪو ن ٿيندو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر لاھوتي فياض ابڙو چيو ته ڊائريڪٽر قربان شيخ فني دنيا جو ھڪ وڏو نانءُ آهي. ھن جون فني فيلڊ ۾ وڏيون خدمتون ٿيل آھن. اھڙا اداڪار. ڊائريڪٽر روز روز پيدا ڪون ٿيندا آهن. ثقافت کاتي کي گھرجي ته ھن جو بھترين ھاسپٽل ۾ بھترين ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو وڃي. استاد بخاري ويلفيئر ادبي سنگت لاڙڪاڻو سنڌ جي صدر برڪت گاد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ھڪ گھر اسان جو اھو آھي. جتي اسان جنم ورتو. ۽ ٻيو اسان جو گھر ثقافت کاتو آهي. ۽ ان گھر جا سڀ ڀاتي اسان جا وارث آھن. جيڪڏهن مالڪ اسان کان منھن موڙيندا ته اسان لاوارث ٿي وينداسين. اسان آرٽسٽن ڪڏھن به ناھي چيو ته سموري مايا اسان جي حوالي ڪريو. پر عرض ڪيو آهي ته اسان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. ھن وقت ڊائريڪٽر قربان شيخ جنھن حالات مان گذري رھيو آھي. اھو بيان نٿو ڪري سگهجي. اداڪار شفيق ڀٽي۔ شمن تيوڻو. ثناء الله چانڊيو. وسيم ھڪڙو. محمد علي لانگاھ. ستار لاڙڪ. ماجد ابڙو ۽ ٻين چيو ته فن ادب جي خدمت ڪرڻ وارن کي لاوارث حالت ۾ ڇڏڻ ن گھرجي. لاڙڪاڻو سميت سڄي سنڌ جي آرٽسٽن جي سار سنڀال لهڻ گھرجي. ڊائريڪٽر قربان شيخ جون فني دنيا ۾ وڏيون خدمتون ٿيل آهن. ثقافت کاتي وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊائريڪٽر قربان شيخ جي مالي مدد سان گڏوگڏ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. جيئن ھو باقي بچيل زندگي خوش ٿي گذاري.
0 تبصرے