اکر اکر کي اک مون جا ڏني ماڻھوان،
چتاري چت سان پڙھي ڪر پرک،
ڪک ھيٺان لک ڍڪيل آھن ڍولڻا.
سنڌ ڌرتي پنهنجي وجود کان وٺي هر ميدان ۾ سدائين اڳ ڀري رهي آهي خاص طور تي تعليم جي ميدان ۾ ڪيترائي ناميارا تعليمدان پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي قلم ذريعي روشني جي هڪ اهڙي لاٽ ٻاري جنهن مان اڄ تائين ماڻهو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن، تعليم هڪ اهڙو زيور آهي جنهن بنا ماڻهو اڌورو لڳي ٿو ۽ اها چوڻي به عام آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي. تعليم جي ميدان ۾ جتي مردن پاڻ ملهايو آهي، اتي هزارين رڪاوٽن، سماجي ريتن رسمن ۽ کوکلين انائن باوجود سنڌ جي عورت به اڳ ڀري رهي آهي. جيجي دريشهوار سيد سميت ڪيترين عورتن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن پر جيڪڏهن اردا پختا ۽ تعميري سوچ هجي ته ڪير به ڪجھ نٿو ڪري سگھي. اڄ جنهن سورمي جو ذڪر ڪنداسين اها آهي محترمه ياسمين شر صاحبه، جنهن جي علمي ۽ تدريسي سفر جي ڪهاڻي. سنڌ جي زرخيز ڌرتي هميشه اهڙيون شخصيتون پيدا ڪندي رهي آهي، جيڪي علم، شعور ۽ خدمت جي ذريعي سماج کي نئين راهه ڏيکارينديون آهن. انهن مان هڪ نمايان نالو آهي محترمه ياسمين شرجنهن پنهنجي پوري زندگي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.سندس والدين جو اصل تعلق خيرپورضلعي جي تعلقي ٺري ميرواھ جي ننڍڙي ڳوٺ مينگھو فقير شر سان آهي جتي سندن زميون وغيره آهن پر سندس والد رئيس واحد بخش شر زراعت کاتي ۾ آفيسر هو سو آفيسرن جون بدليون ٿينديون رهنديون آهن ۽ رئيس واحد بخش شر کي به بدلي ڪري ٽنڊو ڄام ۾ رکيو ويوجتي هن پنهنجي مستقل طور رهائش اختيار ڪئي.رئيس واحد بخش شر جي گھر ٽنڊوڄام ۾ 13 نومبر 1976ع تي جنم وٺندڙ محترمه ياسمين شر ننڍپڻ کان ئي ذهين، محنتي ۽ علم سان عشق رکندڙ شاگرده رهي. سندن ابتدائي تعليم ٽنڊو ڄام جي هڪ سرڪاري اسڪول مان شروع ٿي، جتي هن علم جي بنيادن کي مضبوط ڪيو، ڳوٺ کان يونيورسٽي تائين جو سفر هن پنهنجي اباڻن ۾ مڪمل ڪيو، جتي محدود وسيلن باوجود هن پنهنجي عزم کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. استاد نائب علي، عباس ڏنو، مهر علي ۽ ٻين استادن جي رهنمائي ۽ سندن علمي سفر وڌيڪ نکار آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سن 1992ع ۾ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، هن پنهنجي زندگيءَ جو رخ اعليٰ تعليم ڏانهن ڪيو جتي به هن پنهنجي قابليت جا جهنڊا کوڙيا ۽ پنهنجي پاڻ کي مڃرايو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم ايس سي باٽني ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ هجي يا سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ايگرونامي ۾ فيڪلٽي ٽاپر ٿيڻ پر هر مرحلي تي هن پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ مڃرايو. بي - ايڊ ۾ به فرسٽ ڪلاس ۽ اعلى تعليم جي پي اي حاصل ڪري هن پنهنجي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ثابت ڪيو ته عورتون به ڪنهن ميدان ۾ پوئتي ناهن. هن پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ پختو ارادو نه ڇڏيو ۽ سال 2005ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان سڄي سنڌ مان ٻيو نمبر حاصل ڪيو، جيڪو سندس توڙي والدين لاء ھڪ وڏو اعزاز آھي ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد سندن باقاعده تدريسي ڪيريئر جو آغاز ٿيو. گورنمينٽ گرلز نذرت ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۾ 18سالن جي ڊگهي عرصي دوران هن نه صرف پڙهايو، پر شاگردن جي سوچ، شخصيت ۽ مستقبل کي پڻ سنواريو، سندن تدريس جو انداز صرف ڪتابي علم تائين محدود نه رهيو، پر هن شاگردن ۾ تجسس، تحقيق ۽ شعور پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ پنهنجي شاگردن کي معاشري سميت دنيا جي جديد چيئلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ کين تمام گھڻو تيار ڪيو. هن مهل به محترمه ياسمين شر صاحبه مٽياري ضلعي ۾ بهترين تعليمدان طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان، سندن ويزن واضح ۽ مضبوط آهي ته تعليم کي صرف پڙهائي نه، پر زندگيءَ جي تبديلي جو ذريعو بڻائڻ ۽ هوءَ اهڙو تعليمي ماحول ٺاهڻ چاهين ٿيون، جتي شاگرد صرف امتحان پاس نه ڪن، پر زندگيءَ لاءِ تيار ٿين. استاد صرف پڙهائين نه، پر پنهنجي شاگردن جي رهنمائي ڪن ۽ ادارو صرف عمارت نه، پر علم جو مرڪز بڻجي وڃي. محترمه ياسمين جو ڪم ڪلاس روم تائين محدود ناهي. هو ڇوڪرين جي تعليم جي واڌاري، سماجي شعور ۽ علائقي جي تعليمي ترقي لاءِ پڻ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سندن خدمتن ۾ اي ڊي ايس شاگردن لاءِ عملي جنرلز جي تياري، تعليمي دستاويزن جي ترتيب ۽ مستقبل ۾ ڪتابن تي ڪم شامل آهي. سندن شخصيت جو هڪ اهم پهلو مختلف ٻولين جهڙوڪ سنڌي، اردو، انگريزي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ مهارت کين هڪ موثر استاد ۽ مترجم بڻائي ڇڏيو آهي. سندن ڪاميابي صرف سندن پنهنجي محنت جو نتيجو ناهي، پر سندن والدين جي محبت، تربيت ۽ قربانين جو به عڪس آهي. هوءَ پنهنجي والد جي رهنمائي ۽ والده جي شفقت کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سهارو سمجهن ٿيون. محترمه ياسمين صاحبه جو يقين آهي ته: “تعليم صرف نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي، پر هڪ ذميوار، باشعور ۽ اخلاقي انسان بڻجڻ جو بنياد آهي. هوءَ شاگردن کي محنت ۽ سنجيدگي سان علم حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿيون، جڏهن ته استادن کي خلوص ۽ ايمانداري سان پنهنجو ڪردار نڀائڻ جو درس ڏين ٿيون. محترمه ياسمين شر بلوچ صرف هڪ استاد يا پرنسپال نه آهن پر هڪ سوچ، هڪ الهام ۽ هڪ مثال آهن. سندن زندگي اهو ثابت ڪري ٿي ته جيڪڏهن ارادو ۽ عزم مضبوط هجي ته ڳوٺ جي هڪ ننڍڙي اسڪول کان وٺي تعليمي قيادت تائين جو سفر ممڪن آهي. منهنجي خيال ۾ محترمه ياسمين صاحبه معاشري جي رول ماڊل آھي جيڪا پنهنجي صلاحيتن سان تعليم جي ميدان ۾ ٻين نياڻين لاء اتساھ جو سبب ضرور بڻبي.......
سڀ نه سچا صراف سڀ نه سچا موتي،
آءَ ڪنهن ڪنهن منجھ جوتي اصليت جي اعجاز چئي
0 تبصرے