ملير: مبينا زيادتي بعد ٻوڙي قتل ڪيل نينگري جي ڪيس جي ٻڌڻي

7سال 2 مهينا اڳ مبينا زيادتي بعد ٻوڙي قتل ڪيل 9ورهين خديجا واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

ملير: مبينا زيادتي بعد ٻوڙي قتل ڪيل نينگري جي ڪيس جي ٻڌڻي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ريلوي مارشلنگ يارڊ ڪالوني ۾ 9 ورهين جي نينگري خديجه جي مبينا طور زيادتي بعد پاڻي ۾ ٻوڙي قتل واري ڪيس کي 7 سال 2 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪيس جي تازين ٻڌڻين 14 اپريل 2026 تي ٿيون۔ متاثرہ نينگري ٽئين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، جڏهن ته ڪيس بن قاسم ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي۔ نينگري جي والد جو نالو منظور کوکر ٻڌايو وڃي ٿو۔پوليس ذريعن موجب هن ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار هن وقت سينٽرل جيل ۾ قيد آهن، ۽ ٻنهي جوابدارن جا ڊي اين اي ٽيسٽ متاثرہ نينگري جي سيمپلز سان ميچ ٿي چڪا آهن، جنهن کي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي۔عدالتي ڪارروائي دوران جوابدارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو۔ ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ موجب هو پنهنجي نياڻي جي شادي جي مصروفيتن باوجود عدالت ۾ حاضر ٿيو ته جيئن متاثرہ نينگري جي ڪيس جي پيروي جاري رهي۔وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ۽ ڪالھ جي ٻڌڻين دوران جوابدارن جي وڪيل طرفان مختلف درخواستون ۽ ملتوي ڪرڻ جون گذارشون ڪيون ويون، جنهن تي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 30 اپريل 2026 مقرر ڪري ڇڏي۔ وڪيل موجب شروعاتي مرحلن ۾ به دفاعي وڪيلن طرفان عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي عدالت ۾ هن پاڻ پيش ٿي حقيقتون پيش ڪيون، جنهن بعد عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ چيو ته نينگري جو والد هاڻي حيات ناهي، پر ان باوجود هو هن ڪيس کي ٻين ڪيسن کان وڌيڪ اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ هر پيشي تي موجود رهي ٿو۔ هن چيو ته هو چاهي ته وڪالت ڇڏي سگهي ٿو، پر هن مظلوم نينگري جي ڪيس کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو ۽ انصاف ملڻ تائين قانوني جدوجهد جاري رکندو۔