English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ۽ ڪورنگي فش هاربر ويجهو 2 حادثا، نينگر سميت 2 ڄڻا فوت، ڊرائيور گرفتار
139 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۽ ڪورنگي فش هاربر ويجهو پيش آيل ٻن ڌار ڌار ٽريفڪ حادثن ۾ 11 ورهين جو ٻار ۽ 40 ورهين جو شخص فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي واقعن ۾ ملوث ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔پهرين افسوسناڪ حادثو ابراهيم حيدري روڊ تي پيش آيو، جتي تيز رفتار مزدا ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 11 ورهين جو معصوم ٻار عبدالمصور ولد محبوب احمد فوت ٿي ويو۔ پوليس موجب ٻار روڊ تي موجود هو ته مزدا ٽرڪ کيس ڇيڀاٽي ڇڏيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ابراهيم حيدري غوث بخش اعوان پوليس نفري سان گڏ فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ ڪارروائي ڪندي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي۔ بعد ۾ ٻار جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ٻيو حادثو ڪورنگي فش هاربر ويجهو پيش آيو جتي تيز رفتار برف کڻندڙ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 40 ورهين جو عبدالمجيد فوت ٿي ويو، جيڪو چشمه ڳوٺ جو رهواسي هو۔ عيني شاهدن موجب عبدالمجيد روڊ پار ڪري رهيو هو ته فش هاربر مان برف لاٿي واپس ويندڙ ٽرڪ کيس بري طرح ڪچلي ڇڏيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔عيني شاهدن موجب حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر موقعي تي موجود مهاڻن ۽ مقامي ماڻهن بروقت ڪارروائي ڪندي ڊرائيور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو۔ پوليس ملزم ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فوتي جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔واقعي بعد علائقي واسين افسوس جو اظهار ڪندي تيز رفتار گاڏين خلاف سخت ڪارروائي ۽ روڊن تي ٽريفڪ ڪنٽرول جا موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ۽ ڪورنگي فش هاربر ويجهو
0 تبصرے