نوشهروفيروز ۾ هاءِ وي ايمپلائيز يونين سي بي اي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز ۾ هاءِ وي ايمپلائيز يونين سي بي اي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ هاءِ وي ايمپلائيز يونين سي بي اي سنڌ جي سڏ تي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ غلام قادر اهير، غلام رسول ڇڄڙو، محمد موريل پنهور، الطاف حسين ملگاڻي، ضلع صدر امداد کوسو، روشن خاصخيلي ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن حقن جي حاصلات لاءِ نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ طرف سنڌ حڪومت ملازمن جي جائز حقن فوتي ڪوٽا ، سن ڪوٽا تي عمل نه پئي ڪري ته وري ٻئي کاتي جي مزدورن کي هڪ کان 4 گريڊ جي ڀرٿين ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي جيڪو وڏو ظلم آهي هنن چيو ته کاتي ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ عملدارن خلاف ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب ادارا تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويا آهن روڊ رولر مشينري سرڪاري بند آهي ۽ سياسي مداخلت جي ڪري عملدار صرف ئي صرف ڪرپشن جي پويان لڳل آهن هنن وڌيڪ چيو ته چتاءُ ڏنو ته ملازمن جا جائز مطالبا جن ۾ گروپ انشورنس، ڊي آر اي الائونس، فوتي ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج کي سخت ڪيو ويندو ان موقعي سيد رستم علي شاهه، امداد علي مانڱڙو، ممتاز چانڊيو، رضا مگسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو