English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي اديبن ۽ دانشورن پاران ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين کي اسٽيج ناٽڪ ذريعي عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو
67 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ماڻڪ جي جواني ۾ ٿيل وڇوڙي سبب سنڌ جي ادب ۽ آرٽ جو تمام وڏو نقصان ٿيو، اسان لاءِ يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته ماڻڪ هاڻ ناهي: مقرر
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) نامياري ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي جي پھرئين ورسي کي خطاب ڪندي سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن گهر ڪئي ته ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين کي اسٽيج ناٽڪ ذريعي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي، هنن چيو ته ماڻڪ ڪنگراڻي جي جواني ۾ ٿيل وڇوڙي سبب سنڌ جي ادب ۽ آرٽ جو تمام وڏو نقصان ٿيو، هن کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، اسان لاءِ يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته ماڻڪ هاڻ ناهي رهيو، پر ان جو ادبي پورهيو کيس هميشه لاءِ زنده جاويد رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏينھن 11 اپريل تي ميلوحا آرٽ سرڪل پاران نامياري ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي جي “سنڌي لئنگئويج اٿارٽي” حيدرآباد ۾ ملهايل پهرين ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي ناميارن ليکڪن ۽ اديبن ليکڪ عزيز گوپانگ. تاج جويو. عزيز ڪنگراڻي، ڊاڪٽر حميد سومرو، ايوب گل ستار سروهي، علي زاهد، شفيع چانڊيو، سليم چنا، محمد موسيٰ رند، حميرا شمس شيخ، خان محمد جروار ۽ ٻين چيو ته ماڻڪ ڪنگراڻي پنهنجي سڄي زندگي ادب کي وقف ڪري ڇڏي سندس لکڻين ۾ سماج جي دردن جي عڪاسي ٿيل آهي. هو هڪ وڏو ڪهاڻيڪار. ناٽڪ نويس ۽ بهترين صحافي هو. هو پنهنجين لکڻين ۾ ڌرتي ۽ مسڪين ماڻهن جو ڪيس وڙهندو رهيو. هنن چيو ته ماڻڪ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ وڏو ڪم ڪيو. جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو. هو مسڪينن جي پاسي بيهي لکڻين ذريعي ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. سندس دل ۾ مسڪين ماڻهن جو درد سمايل هو. هنن چيو ته ماڻڪ جون لکڻيون سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين سمايل رهنديون. هو هڪ وڏو ليکڪ ۽ ناٽڪ ويس هو. سندس وڇوڙي کان پوءِ ادبي دنيا ۾ پيدا ٿيل خال ڀرجي نه سگهندو. هو سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ سدائين ياد رهندو. جڏهن ته ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڪهاڻين جي ڪتاب "سرء جو ڇڻيل پن" جو مهورت پڻ ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي اديبن ۽ دانشورن پاران ماڻڪ ڪنگراڻي
0 تبصرے