سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي مرڪزي ڪاميٽي ۽ ڪراچي ڊويزن ڪاميٽي جي گڏيل گڏجاڻي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي مرڪزي ڪاميٽي ۽ ڪراچي ڊويزن ڪاميٽي جي گڏيل گڏجاڻي مرڪزي صدر خدا ڏنو شاھ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ تنظيم سان لاڳاپيل اهم معاملن ۽ موجوده صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمينن تي قبضي، شاھ حسن ٻيٽ جي حيثيت ۽ تنظيم جي سينيئر ساٿي حمزه پنھور جي وفات تي تعزيتي ريفرنس ڪرائڻ بابت ايجنڊائن تي بحث ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ نائب صدر خالق جوڻيجي، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري معين مگسي، انفارميشن سيڪريٽري سارنگ جويي، ڪراچي ڊويزن جي صدر ناصر جمال، جوائنٽ سيڪريٽري امداد چاچڙ، غلام رسول بلوچ سميت ٻين اڳواڻن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي آگاهه ڪيو ويو ته کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضي خلاف سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي ليگل ٽيم پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ منرلز اينڊ مائينز کاتي سميت ٻن ٻين ادارن پاران عدالت ۾ جواب جمع ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته وائلڊ لائف کاتي اڃا تائين پنهنجو جواب داخل ناهي ڪرايو. اجلاس فيصلو ڪيو ته جمع ڪرايل جوابن خلاف تفصيلي ثبوتن سان عدالت ۾ جواب داخل ڪيو ويندو. گڏوگڏ تنظيم جون ٽيمون کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ ڪوھستان جي مقامي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري انهن کي پنهنجي تاريخي ماڳن، ماحوليات ۽ علائقي جي تاريخي ورثي جي حفاظت بابت آگاهي ڏينديون ۽ سياسي جدوجهد لاءِ لائحہ عمل جوڙيو ويندو. اجلاس دوران شاھ حسن ٻيٽ جي معاملي تي پڻ سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته شاھ حسن ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو. هن ٻيٽ جي تاريخي ۽ ماحولياتي اهميت کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس مقامي ماڻهن سان رابطو ڪري جلد هڪ وڏو عوامي جلسو منعقد ڪندو، جنهن ۾ ماڻهن کي صورتحال بابت آگاهي ڏني ويندي ۽ ٻيٽ کي وفاق حوالي ڪرڻ واري ڪنهن به ڪوشش خلاف سياسي مزاحمت جو اعلان ڪيو ويندو گڏجاڻي ۾ تنظيم جي سينيئر ساٿي حمزه پنھور جي وڇوڙي تي پڻ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته حمزه پنھور سنڌ جي حقن ۽ مقامي ماڻهن جي مسئلن لاءِ هميشه سرگرم رهيا. اجلاس فيصلو ڪيو ته سندن خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جلد تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويندو. ان سلسلي ۾ چار رڪني ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي جنهن ۾ خدا ڏنو شاھ، حفيظ بلوچ، معين مگسي ۽ امداد چاچڙ شامل آهن جيڪي تعزيتي ميڙاڪي جي تيارين ۽ انتظامن جي ذميواري نڀائيندا.
0 تبصرے