English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي جي صدارت هيٺ سجاول ۾ اهم اجلاس
14 views
|
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ترقياتي اسڪيمون وقت سر مڪمل ڪيون وڃن، قيمتن تي ڪنٽرول رکيو وڃي: فياض عباسي
سجاول (ڊ ر) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ دربار هال سجاول ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو ، جنهن ۾ سجاول، ٺٽو ۽ بدين ضلعن ۾ سرڪاري ڪارڪردگي ، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي خدمتن جي بهتري بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته ترقياتي اسڪيمون وقت سر مڪمل ڪيون وڃن، قيمتن تي ڪنٽرول رکيو وڃي، ناجائز قبضا ختم ڪيا وڃن ۽ سرڪاري زمينن جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي۔ ڪمشنر لينڊ رڪارڊ جي درستگي ڪمپيوٽرائيزيشن تي پڻ خاص زور ڏيندي چيو ته رڪارڊ ۾ شفافيت انتهائي ضروري آهي۔ فياض حسين عباسي هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، کليل مين هولز کي فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ سلاٽر هائوسز جي باقاعده جاچ ذريعي صحت جا اصول لاڳو ڪرايا وڃن۔ هن فائر سيفٽي آڊٽس ۽ ٻين حفاظتي قدمن تي به ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي۔اجلاس ۾ ڊيش بورڊ مانيٽرنگ سسٽم جي مؤثر استعمال تي زور ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته روزاني بنياد تي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ بهتر رابطو قائم ڪيو وڃي ته جيئن عوامي مسئلن جو فوري حل ممڪن بڻائي سگهجي۔ ڊويزنل ڪمشنر چيو ته عوام کي معياري سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو فيلڊ ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين ۽ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري آڻين۔اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي کان علاوه ٽنهي ضلعن جا ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ، اسسٽنٽ ڪمشنرز شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي ج
0 تبصرے