ڊي ايس پي آفيس جي عمارت زبون حال هجڻ ڪري ڇت جا چاپڙ ڪِري پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ ڊي ايس پي آفيس جي عمارت جو هڪ حصو اوچتو ڪري پيو خوشقسمتي سان حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو۔پوليس انتظاميا مطابق اهو واقعو تازو ٿيل برساتن سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت جي ڇت جو هڪ حصو ڪمزور ٿي ڪري ڪري پيو. حادثي وقت ڊي ايس پي قائدآباد پنهنجي آفيس جي سائڊ روم ۾ موجود هو جنهن سبب اهي محفوظ رهيا۔پوليس جو چوڻ هو ته حادثي کان فوراً پوءِ عمارت کي خالي ڪرائي ويئي ۽ باقي حصن جو معائنو شروع ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به ممڪن حادثي کان بچاءُ ڪيو وڃي۔ سنڌ پوليس آفيسرن جو چوڻ آهي ته عمارت جي حالت جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ضروري مرمت يا متبادل انتظامات ڪيا ويندا۔حڪام وڌيڪ ٻڌايو ته تازو ٿيل بارشن سبب پراڻين عمارتن کي نقصان پهچڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، تنهنڪري احتياطي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعو کان بچاءُ ڪري سگهجي۔
0 تبصرے