ٺٽو: جهمپير ڪوهستان جي ڳوٺ وڪيو جاکرو ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ

اسڪول جو پرائمري اسڪول ورهين کان بند پيل، معصوم ٻارڙاتعليم جهڙي زيور کان محروم

ٺٽو: جهمپير ڪوهستان جي ڳوٺ وڪيو جاکرو ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ

ٺٽو( ڊر)يوسي جھمپير ڪوھستان جي ڳوٺ وڪيو جاکرو ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتي پرائمري اسڪول ڪيترن ئي ورهين کان بند پيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جا سوين ٻار تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم بڻجي ويا آهن۔ ڳوٺاڻن انور جاکرو ۽ لقمان جاکرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جديد دور هوندي به سندن ڳوٺ ترقي کان محروم آهي، جتي نه صرف تعليمي سهولتون اڻپوريون آهن پر ٻين بنيادي سهولتن جي به شديد کوٽ آهي۔ هنن ٻڌايو ته ڳوٺ جو واحد پرائمري اسڪول استادن جي نه هجڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب بند پيل آهي، جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي۔ هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي والدين مالي تنگي سبب پنهنجن ٻارن کي پري وارن علائقن ۾ اسڪول موڪلڻ کان قاصر آهن، جنهن ڪري ٻار تعليم کان پري ٿي رهيا آهن ۽ اڻ پڙهيل رهجي وڃڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي۔ ڳوٺاڻن ڊي سي او ٺٽو، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته فوري طور تي پرائمري اسڪول وڪيو جاکرو کي فعال بڻايو وڃي، استادن جي مقرري ڪئي وڃي ۽ اسڪول لاءِ ضروري فرنيچر ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن ڳوٺ جا ٻار تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهن۔ ڳوٺاڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هو احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيندا۔