English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس
194 views
|
01st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڳورهاري عورتن کي ڏني ويندڙ رقم 30000 مان وڌائي 41000 ڪئي وئي آهي: اجلاس کي بريفنگ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي براءِ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ شرف الدين ميمڻ، انچارج نادرا عمرڪوٽ قربان منگريو، لاڳاپيل کاتن جا آفيسر، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر عمرڪوٽ ميڊم خديجه قبره، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، مختلف سماجي تنظيمن جا نمائندا بلال عالمگير، امتياز کوسو، عيدل ڪنڀر ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ حڪومت سنڌ ۽ ورلڊ بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان جاري “ممتا پروگرام” تحت هلندڙ سرگرمين ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي عمرڪوٽ ميڊم خديجه قبره پروگرام جي مختلف پهلوئن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي پروگرام خاص طور تي حامله عورتن ۽ نون ڄاول ٻارن جي صحت ۽ غذائيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ جاري آهي، جنهن تحت حقدار عورتن کي مالي مدد ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، هن ٻڌايو ته 4790 عورتن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪل ڪمپلائينس جو حدف 83968 هو، جنهن مان 37129 جي ڪمپلائينس حاصل ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته ممتا پروگرام تحت حامله عورتن کي ڏني ويندڙ رقم 30000 مان وڌائي 41000 ڪئي وئي آهي، جيڪا 2 مارچ کان بينيفشريز کي ملڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته بئنڪ الفلاح جون 40 ڊوائيسون پوري ضلعي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پروگرام تحت حقدارن جي شفاف ۽ بروقت رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا بي ضابطگي برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عورتن تائين هن پروگرام جا فائدا پهچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته آگاهي مهم کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ حقدار عورتون هن پروگرام مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان کان علاوه لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو ته جيئن پروگرام جا مقصد اثرائتي نموني حاصل ڪري سگهجن، اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پروگرام جي اڳڀرائي بابت باقاعده رپورٽ پيش ڪن ۽ پيش ايندڙ مسئلن جي فوري حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي صدارت
0 تبصرے