عمرڪوٽ: ايم پي اي امير علي شاه پاران مختلف ماڻهن سان تعزيتون

عمرڪوٽ: ايم پي اي امير علي شاه پاران مختلف ماڻهن سان تعزيتون

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سيد امير علي شاه شهر عمرڪوٽ جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري تازو فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو، خبر موجب ايم پي اي سيد امير علي شاه ڊاڪٽر پريمچند جي چاچي سالو مل گوئيل ڪولهي، نارو ولد انچلو گوئيل ڪولهي، پارش ناٿ، ڊاڪٽر يوسف جنجهي جي والده، مگهجي ڪولهي جي پٽ، صوبيدار اسلم مسلم بجير، سيٺ تاراچند مهيشوري جي نياڻي، ڍولو اوڏ جي ڀائيٽي، ڪامريڊ راڻو مل ڪماليا ميگهواڙ، ميرحسن کوسو جي پٽ بلال، سيلمان ڪنڀر جي والد ۽ يونس ڪنڀر جي گهر واري سميت ڪائونسلر اسحاق ڪنڀر جي چاچي جي گهر واري جي وفات تي سندن گهرن تي وڃي فاتحه خواني ڪئي، ان موقعي تي ايم پي اي چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙي ۾ هو متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، هن الله پاڪ کان دعا ڪئي ته مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پسماندگان کي صبر جميل عطا فرمائي ان موقعي تي ساڻس گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع انفارميشن سيڪريٽري عمرڪوٽ گهنشام داس ۽ جنرل سيڪريٽري سٽي عمرڪوٽ چيتن ڪولهي پڻ موجود هئا.